Friday , March 29 2024

گهمرو صاحب!! اڳي سنڌ جي مسئلن تي آرٽيڪل لکندا هئا، هاڻي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي: جسٽس فيصل عرب

supreme court.

سپريم ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ڪوٽڙي ۾ 77 ارب رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ وارو ٽريٽ مينٽ پلانٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ  ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره جي ڪمپني ٺاهيو هو. ڪوٽڙي واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ هلڻ کان اڳ ئي ناڪاره بڻجي ويو.

سپريم ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جسٽس فيصل عرب ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بئريسٽرضمير گهمرو وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس فيصل عرب اي جي سنڌ ضمير گهمرو کان سوال ڪيو ته، گهمرو صاحب ! اڳي ته اوهان سنڌ جي مسئلن بابت اخبارن ۾ ڪالم لکندا هئا ۽ ٽي وي چئنلز تي به ايندا هئا، هاڻي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اوهان صرف سنڌ حڪومت جي بچاءَ ۾ دليل ڏيو ٿا.

اي جي سنڌ ضمير گهمروZamer Ghumro1

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ بئنچ، سنڌ ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت حيدرآباد، ڄامشوري، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ناقص صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽkotri plant

ڪيس جي ڪارروائي دوران ايم ڊي سائيٽ عدالت ۾ پيش ٿي ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ جي ناڪاره هجڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي.

ايم ڊي سائيٽ عدالت کي ٻڌايو ته، ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ جو سڄو ڪم، ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره جي ڪمپني ڪيو هو، جنهن تي 77 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم خرچ ٿي.

arshad-vohraارشدوهره

ايم ڊي سائيٽ عدالت کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته، ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ تي وڏيرقم خرچ ٿيڻ باوجود هلڻ جي قابل نه بڻجي سگهيو آهي، غير معياري ڪم ٿيڻ واري معاملي جي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ جاچ هلندڙ آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته، حيدرآباد ۾ ايم پي ايز ۽ ٻين درياهه ڀرسان اڏاوتون ڪري ڇڏيون آهن، تنهنڪري غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ وارو ڪم غريب کان نه پر امير کان شروع ڪيو وڃي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته قانون رڳو بي پهچ ۽ غريبن لاءِ نه پر سڀني لاءِ آهي، قانون تي عمل نه ڪندڙ جيڪڏهن امير ۽ طاقتور آهي ته سڀ کان پهريان ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو مري رهيا آهن ۽ خبر نه ٿي پوي ته حڪومت ڪٿي آهي؟.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته سپريم ڪورٽ تي رحم ڪريو، اوهان جا آفيسر ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن.

حيدرآباد ۾ ٽَي سيوريج پلانٽس اڳ ۾ ئي بند پيل آهن، بند پيل سيوريج پلانٽس هلائڻ بدران چوٿين پلانٽ جي تعمير جو مقصد ڇا آهي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو پئسا ٺاهڻ لاءِ نوان منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن.

عدالت جيڪب آباد ۾ ڏيڍ ارب رپين کان وڌيڪ ماليت وارو فلٽر پلانٽ 9 سالن کان بند هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته واهن ۾ گندو پاڻي شامل ڪيو پيو وڃي، ادارا ذميواري پوري نٿا ڪن، هڪ پاسي عوام گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل آهي ته ٻي پاسي گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظام نه پيا ڪيا وڃن.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته اسان پنهنجي اکين سان ڪيميڪل مليل پاڻي واهن ۾ ڇڏيندي ڏٺو آهي، گندو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي ۽ جيڪي استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪينسر پکڙي رهي آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته انساني جان جي تحفظ لاءِ سئو ماڻهن کي به هٽائڻو پيو ته هٽايو ويندو، جيستائين ڪميشن جي رپورٽ سامهون نه آئي، ايستائين عدالت ڪنهن به آفيسر کي هٽائڻ جو حڪم نه ڏنو.

واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته، انيتا تراب ڪيس ۾ عدالتي فيصلي جي ابتڙ مقرر آفيسر کي توهين عدالت ڪيس کي منهن ڏيڻو پوندو، انهن کانسواءِ جيڪي ماڻهو گندو پاڻي پيارڻ جا ذميوار آهن، انهن کي توهين عدالت ڪيس ۾ به گهرائي سگهجي ٿو ۽ سندن ڪيس داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي سگهجي ٿو.

بئريسٽر ضمير گهمرو کي مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته، ايڊووڪيٽ جنرل صاحب! نيٺ الله کي به جواب ڏيڻو آهي، اوهان اسان جي مدد ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جو دفاع ڪري رهيا آهيو؟

جسٽس فيصل عرب ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ته ڪنهن زماني ۾ ٽي وي تي سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيندا هئا ۽ اخبارن ۾ ڪالم به لکندا هئا پر  هاڻي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟

عدالت آبپاشي ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽريز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪميٽي کي لاڳاپيل ڪمشنر پاڻ سان شامل ڪرڻ جو اختيار هوندو، جيڪا پاڻي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي ذميوار هوندي.

عدالت ڪميٽي ۾ شامل آفيسرن کي بنا ڪنهن سبب جي بدلي ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته جيڪڏهن گندي پاڻي پيئڻ سبب هڪ شخص به مري ٿو ته اسين الله سامهون جوابده آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *