Friday , March 29 2024

“گهرو وزير جي آفيس غير محفوظ” سنڌ حڪومت ڪراچي شهر جي امن امان واري صورتحال تي سوال اڀاري ڇڏيا

S and GADگهرو وزير جي ڪئمپ آفيس لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن

سنڌ سرڪار تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان سيڪريٽريٽ دهشتگردن جي نشاني تي آهي. ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن سبب پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال جي آفيس به محفوظ نه آهي. آءِ جي سنڌ کي پنهنجي آفيس (سي پي او) کان ٻاهر نڪرڻ جي به گهرو کاتي جي سيڪريٽري کان اجازت وٺڻي پوندي.

سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سي ٽي سي سيڪشن پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي ڄاڻايو ويو آهي ته، گهرو وزير سهيل انور سيال سروسز اينڊ ايڊمسنٽريشن سي ٽي سي کي چيو آهي ته، ڪراچي جي امن امان جي صورتحال خاص طور تي شهر ۾ دهشتگردن خلاف جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن جي مدنظر، زراعت ۽ گهرو کاتي جي صوبائي وزير جي آفيس جيڪا، بئريڪس پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ واقع آهي، اُها غير محفوظ آهي. ان ڪري اوهان (آءِ جي سنڌ) کي هدايت ڪئي ٿي ته اوهان سي پي او ۾ موجو، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (اي آءِ جي) جي پراڻي (اڳوڻي) آفيس کي ، گهرو وزير جي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر/ قرار ڏئي ان جي فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا وڃن.

ذريعي، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڪئمپ آفيس سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او)  ۾ قائم ڪئي وئي آهي. سي ٽي سي جي سيڪشن آفيسر محمد عليم جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڪئمپ آفيس سي پي او ۾ قائم ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بورڊ آف روينيو جي ڀرسان موجود پاڪستان سيڪريٽريٽ بئرڪس ۾ صوبائي گهرو وزير جي آفيس کانسواءِ، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (وفاقي) پي آءِ ڊي، ايف آءِ اي، فيڊرل ڪيبينيٽ ڊويزن، فيڊرل بئنڪنگ ڪورٽس، پاڪستان ڪسٽمز ڪورٽس، فشريز ڊپارٽمينٽ سميت مختلف وفاقي ۽ صوبائي ادارن / وزارتن ۽ کاتن جون آفيسون موجود آهن. گهرو وزير سهيل انور سيال جي لاءِ ڪئمپ آفيس سي پي او ۾ قائم ڪرڻ واري ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي کي لکيل ليٽر ۽ ايس اينڊ جي ايڊي پاران گهرو وزير جي ڪئمپ آفيس سي پي او ۾ قائم ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل جواز ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

Suhal & AD

گهرو وزير آءِ جي سنڌ کان سلامي وٺڻ چاهي ٿو: اعليٰ پوليس آفيسر

گهرو وزير جي ڪئمپ آفيس سي پي او ۾ قائم ڪرڻ واري فيصلي بابت هڪ اعليٰ پوليس آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، صوبائي گهرو وزير ۽ سنڌ جي هڪ انتهائي بااثر شخصيت، جنهن جي آشيرواد سان سهيل انور سيال وزير بڻيو آهي، اُهي چاهين ٿا ته جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ واري ڪيس جو فيصلو سنڌ حڪومت جي حق ۾ نه ٿو اچي ته، پوءِ آءِ جي الهڏنو خواجا کي “گهٽ” ڏيکارڻ لاءِ روزانو کين سلامي ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ چاهين ٿا.

گهرو وزير آءِ جي سنڌ کي آفيس کان گهر وڃڻ لاءِ به گهرو کاتي جي سڪيريٽري کان موڪل وٺڻ جو پابند بڻائڻ چاهين ٿا

گهرو کاتي ۾ مقرر هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته، هڪ بااثر سياسي شخصيت ۽ گهرو وزير جي خواهش تي سنڌ جي وڏي وزير کان هدايتون جاري ڪرائي آءِ جي سنڌ کي سندس آفيس تائين محدود ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

www.sindhsamaachar.com  کي مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، هُو ڪراچي يا صوبي کان ٻاهر ته ڇا پر پنهنجي آفيس (سي پي او) کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ گهرو کاتي جي سيڪريٽري کان اجازت وٺڻ لازمي هوندو، پوءِ ڀلي ڇو نه آءِ جي سنڌ آفيس کان پنهنجي گهر ڇو نه وڃي پر کيس اجازت وٺي پوندي.

هڪ اي آءِ جي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سنڌ سرڪار جا ڪجھ بااثر ماڻهو آءِ جي سنڌ جي مخالفت ۾ انتهائي هيٺئين درجي تي پهچي ويا آهن، اُهي اهو به نه ٿا سوچين ته سندن اهڙن قدمن سان سنڌ پوليس جو وقار ڪيترو متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته، هاڻي لڳي ائين ٿو ته، پوليس آفيسرز لاءِ اهڙو به حڪم جاري ٿي سگهي ٿو جنهن ۾، کين گهر کان آفيس وڃڻ ۽ آفيس کان واپس گهر وڃڻ کان اڳ گهرو وزير ۽ بااثر سياسي شخصيت جي بنگلي تي حاضري لڳائڻ کي لازمي قرار ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *