Tuesday , April 16 2024

گهرو وزير اعجاز شاهه جا دهشتگردن سان واستا آهن، سليڪٽيڊ وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ حڪومت آزاداڻي نموني تنقيد جا تير وسائيندي عمران خان، اعجاز شاهه ۽ ٻين وزيرن جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، بلاول چيو آهي ته، اسان جو سليڪٽيڊ وزيراعظم، نااهل، نالائق آهي کيس گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته اسپيڪر وزيراعظم بابت نالائق وارا لفظ ڪارروائي مان اسپنچ ڪري ڇڏيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خاب ڪندي بلاول ڀٽو زردااري چيو ته، هڪ اک بند ڪري ڏسون ٿا موجوده حڪومت جي ڪابينا ۾ مشرف جا وزير نظر اچن ٿا، وري ٻي اک کولي ڏسون ٿا ته، آصف زرداري جي ڪابينا جا ميمبر نظر اچن ٿا. هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي، نيڪالي به ان کي ڏني وڃي، قوم کي اهو ته ٻڌايو ته، آخرڪار فواد چوڌري، غلام سرور خان کي ڪابينا مان ڇو ڪڍيو ويو.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران مون چيو هو ته ڀارتي وزيراعظم گجرات جو ڪاسائي آهي، مودي اليڪشن کٽڻ لاءِ ايٽمي جنگ ڪرائڻ چاهي ٿو، ته مونکي ان تي به غدار سڏيو ويو، ڪنهن ميمبر جي غيرموجودگي ۾ سندس خلاف ڳالهائڻ مناسب ناهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گهرو وزير کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اعجاز شاهه جا پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ دهشتگردن سان واسطا آهن، اعجاز شاهه بندش پيل تنظيمن سان گڏجي چونڊون وڙهيون ۽ ايم اين چونڊجي آيو. حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ سنجيده آهي ته ان وزير کي ڪابينا مان نيڪالي ڏيڻي پوندي، هن چيو ته جمهوريت دشمن وزير اسان کي خطرو سمجهن ٿا، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته اسان خاموش ٿي وينداسين ته اهو ممڪن ناهي، بلاول چيو ته اسان ضيا ۽ مشرف جهڙن آمرن کان نه ڊناسين ته هي ڪٺ پتلي وري ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اسان سندن غريب دشمن پاليسيون وائکيون ڪندا رهنداسين، بلاول چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته اسد عمر کي ڇو هٽايو ويو، ان مان حڪمرانن جي نااهلي ئي ثابت ٿئي ٿي، تنهنڪري ناڻي واري وزير سميت ڪابينا ۾ تبديلي آندي وئي آهي، بلاول عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان جو سليڪٽيڊ وزيراعظم، نالائق ۽ نااهل آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي نيڪالي ڏيڻي آهي، عمران خان کي نيڪالي ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *