Friday , April 19 2024

گهرن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ وارا فارم پينسل سان ڀرڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي: شماريات کاتو

habibullah khan censusحبيب الله ترجمان شماريات

شماريات کاتي جي ترجمان حيبب الله خٽڪ چيو آهي ته، گهر شماري ۽ گهراڻن جي ڳڻپ واري ڪنهن به مرحلي دوران پينسل سان فارم ڀرڻ جي ڪا به گنجائش يا بهانو قبول نه آهي، پينسل سان فارم ڀرينددڙ عملي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

شماريات کاتي جي ترجمان حبيب الله خٽڪ چيو آهي ته، آدمشماري جي سمورن مرحلن دوران فارمز بال پين سان ڀرڻ لازمي آهن.

حبيب الله خٽڪ چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان گهر شماري دوران فارم پينسل سان ڀرڻ جون شڪايتون مليون آهن، اهڙيون شڪايتون ميڊيا ذريعي به سامهون آيون آهن.

حيبب الله خٽڪ جو چوڻ هو ته، آدمشماري جي پهرين مرحلي دوران گهر شماري جا فارم ڀرڻ لاءِ پينسل جو استعمال ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي، پينسل سان سان فارمز ڀرڻ وارين شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي.

شماريات کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته، پينسل سان فارم ڀريندڙ عملي خلاف ڪارروائي به ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته پينسل سان فارم ڀرڻ جي اجازت نه آهي.

census navy

ملڪ ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ گهرن جي ڳڻپ دوران فارم پين بدران پينسل سان ڀرڻ سبب شهرين ۾ ڪيترن ئي خدشن جنم ورتو آهي، سنڌي آباديءَ واري علائقي گلستان جوهر ۾ آدمشماري لاءِ جوڙيل ٽيمون فارم پينسل سان ڀريندي نظر آيون.

ڪراچي جي سنڌي آباديءَ جي اڪثريتي علائقي گلستان جوهر سميت شاهنواز شر ڳوٺ، گلشن اقبال، راشدي ڳوٺ، ڀٽائي آباد ۽ موسميات وارن علائقن سميت ٻين علائقن ۾ شماريات کاتي جي ٽيمن گهر شماري واران فارم پينسل سان ڀريندا رهيا.

گهر شماري جا فارم پينسل سان ڀرڻ خلاف علائقي واسي اعتراض ڪندا رهيا ۽ لاڳاپيل عملدارن کي به شڪايتون ڪيون، ان باوجود به گهر شماري ڪندڙ عملو فارم پين سان ڀرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي عملي پينسل سان فارم ڀرڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو ته آدمشماري جي پهرين ڏينهن فارمن ۾ غلطي جي خدشي سبب هــُو پينسل سان فارم ڀري رهيا آهن، جيڪي بعد ۾ پين سان ڀريا ويندا.

census army

ٻي طرف ڇهين آدمشماري لاءِ شماريات کاتي ڪراچي ڊويزن کي 35 سب ڊويزنز ۾ ورهايو آهي، جن ۾ مجموعي طور تي 359 چارجز، 2 هزار 324 سرڪلز ۽ 14 هزار 494 بلاڪس قائم ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ڊويزن ۾ 15 هزار 943 فيلڊ اسٽاف آدمشماري ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جن مان ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ 2929 ۽ ڏکڻ ۾ 2326 ڪارڪن مقرر ڪيا ويا آهن.

هر ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ 2 پوليس اهلڪار، 2 رينجرز اهلڪار ۽ هڪ فوجي جوان کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ 69 چارج، 411 سرڪل ۽ 2663 بلاڪس ٺاهيا ويا آهن، ڊسٽرڪٽ ڏکڻ ۾ 51 چارج، 347 سرڪل ۽ 2124بلاڪس قائم ڪيا ويا آهن.

ڪراچي اوڀر ضلعي ۾ 75 چارج، 478 سرڪل ۽ 2832 بلاڪس، ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ 54 چارج، 351 سرڪل ۽ 2253 بلاڪس قائم ڪا ويا آهن.

ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾85 چارج، 586 سرڪل ۽ 3210  بلاڪس ٺاهيا ويا آهن، ڊسٽرڪٽ ملير ۾ 25 چارج 151 سرڪل ۽ 1412 بلاڪس ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي دوران گهر شماري جو وارو عمل جاري رهندو..

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *