Tuesday , April 23 2024

گلشن حديد ڀرسان نوجوان جو سڙيل لاش هٿ، سڃاڻپ جهڙو نه رهيو

جوابدارن نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ڇڏي، لاش سڃاڻپ جهڙو نه رهيو

ملير (رپورٽر  سنڌسماءَچار)  گلشن حديد ويجهو سومار ڳوٺ مان هڪ نوجوان جو ڳلو ڪپي قتل ڪيل نوجوان جو لاش هٿ، نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارن لاش کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. ملير جي اسٽيل ملز ٿاڻي جي حد سومار ڳوٺ 25 سالن جي نوجوان جو لاش ھٿ آيو. اطلاع تگي اسٽيل ٽائون پوليس سومار ڳوٺ پهچي لاش پنهنجي تحويل ورتو، جنهن بعد لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته، جوابدارن نوجوان جو تيز ڌار واري اوزار سان جو ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، ابتدائي جاچ دوران لڳي ٿو ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آھي، نوجوان جو ڳلو ڪٽي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باھ ڏئي ساڙيو ويو آھي. پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي، لاش 80 سيڪڙو سڙيل آھي، نوجوان جي سڃاڻپ لاءِ رت جا سيمپل ورتا ويا آھن، جن کي ليبارٽري موڪليو ويو آھي. نادرا کان بائيو ميٽرڪ جي مدد سان سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب لاش جي شڪل مان نوجوان بلوچ لڳي رهيو آھي. لاش ضروري ڪاروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *