Saturday , April 20 2024

گستاخانه خاڪا، فرانس مان سفير واپس گهرائڻ جو ڊراپ سين، وزيراعظم، پرڏيهي وزير جي بيخبري جي انتها

فرانس ۾ سفير مقرر آهي يا نه ! صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مڪمل بيخبر ڪيئن رهيا؟

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) فرانس ۾ پاڪستان جو سفير ٽن مهينن کان مقرر نه ٿي سگهيو، صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ پارليامينٽ سميت سموري حڪومت بيخبر بڻيل، گستاخانه خاڪن خلاف معاملي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا، جن ۾ فرانس مان پاڪستاني سفير کي واپس گهرائڻ جو به ذڪر ڪيو ويو. رپورٽ مطابق فرانس ۾ گستاخانه خاڪن ۽ فرانسيسي صدر پاران گستاخانه بيان واري معاملي تي پاڪستگان ۾ سخت ڪاوڙ ۽ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان پاران عالمي سطح تي مهم به هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گستاخانه خاڪن واري معاملي تي گذريل ڏينهن 27 آڪٽوبر اڱاري تي وفاقي ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ به ان معاملي تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب وفاقي ڪبينا به مطاالبو ڪيو ته فرانس مان پاڪستاني سفير کي واپس گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي.

وفاقي حڪومت پاران فرانس مان پاڪستاني سفير واپس گهرائڻ تي غور، قومي اسيمبلي ۾ خاڪن خلاف ٺهراءَ ۾ به سفير واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن جو ڊرامائي انداز ۾ ڊراپ سين ٿي ويو آهي، معلوم ٿيو آهي ته فرانس ۾ گذريل ٽن مهينن کان پاڪستان جو سفير مقرر ئي ناهي ٿيل، معاملا ڊپٽي هيڊ آف مشن سنڀالي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس مطابق، فرانس ۾ گذريل ٽن مهينن کان پاڪستان جو سفير آهي ئي نه، اڳ پئرس ۾ مقرر سفير معين العحق کي فرانس مان بدلي ڪري چين ۾ سفير مقرر ڪيو ويو هو، جنهن کي تڪڙي چارج ڇڏرائي کيس بيجنگ روانو ڪيو ويو هو. معين الحق جي بدلي کانپوءِ ٽن مهينن تائين اڃا سوڌو فرانس ۾ ڪو به سفير مقررناهي ڪيو ويو، فرانس ۾ سفارتي معاملا، اتي مقرر ڊپٽي هيڊ آف مشن محمد امجد عزيز قاضي سنڀالي رهيو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به چيو هو ته، جيڪڏهن پاڪستاني سفير کي صلاح مشورن لاءِ واپس گهرائڻو پيو ته ان کي به گهرايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *