Saturday , April 20 2024

گريٽر پلان ٺهندي ڏسان پيو، لڳي ٿو ته اسيمبليون مدو پورو نه ڪنديون: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار  مانيٽرنگ ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق خدشو ظاهر ڪيو آهي ته، موجوده اسيمبليون مدو پورو ڪندي نظر نه ٿيون اچن، هڪ وڏو پلان ٺهندي ڏسي رهيو آهيان، سازشون به ٿيندي نظر اچن پيون اُهي ن ليگ خلاف نه پر سسٽم جي خلاف آهن، ايترو 2002 دوران مشرف جي دور ۾ به مايوس نه ٿيو هيس جيترو هاڻي آهيان، ان باوجود به مايوس نه ٿيڻ گهرجي. سردار اياز صادق هڪ نجي ٽي چئنل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته، الله ڪري ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن، کيس ائين لڳي نه رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه ٿيندي ڏسي انتهائي ڏک ٿئي ٿو.

سردار اياز صادق چيو ته، موجوده نظام کي ڪو نقصان ٿيو ته ان سان ملڪ کي نقصان ٿيندو،هن وقت جيڪو ٿيندي ڏسان پيو اهو 2008 به نه ٿيو هو. آءُ ايترو مايوس يا پريشان 2002 ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ به نه هئس جيترو هن وقت ٿيندي ڏسي پريشان آهيان. هن چيو ته هڪ پارٽي کانسواءِ مخالف ڌر چاهي ٿي ته حڪومت مدو پورو ڪري. گذريل ڪجهه مهينن دوران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غير فطري هو. جيڪي سازشون ٿيندي ڏسي ۽ محسوس ڪري رهيو آهيان اُهي ن ليگ خلاف نه پر موجوده سسٽم جي خلاف ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پنهنجي انٽرويو دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، صرف ڪنهن ڌرڻي نه پر ٻين ڪيترن ئي معاملن سبب پريشاني آهي، مايوس نه ٿيڻ گهرجي، خواهش آهي ته اسيمبليون مدو پورو ڪن. حڪومت تي تنقيد يا ان جي تعريف ڪهڙي ڪيان، پر ايترو چوندس ته هر معاملي کي وقت سر ۽ ان جي اهميت مطابق ڊيل ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *