Thursday , March 28 2024

ڪي اليڪٽرڪ مان سنڌي آفيسرز کي نوڪرين مان نيڪالي تي پ پ خاموش تماشائي بڻيل آهي: امير ڀنڀرو

ڪراچي (رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو چيو آهي ته، ڪي اليڪٽرڪ ۾  تعصب پرستي جي بنياد تي 57 سنڌي آفيسرن کي جبري نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ خاص ڪري انتظامي طور سنڌي ماڻهن جي لاءِ آواز اٿاريندڙن کي چونڊي چونڊي جبري نيڪالي ڏني پئي وڃي، سنڌي  ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ تي پيپلز پارٽي خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه متحده لنڊن جي 42 ماڻهن کي پروموشن ڏنو ويو آهي. اهڙن اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو اڄ پارٽي جي مرڪزي آفيس سنڌ مرڪز تي ڪراچي ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪراچي ڊويزن جي  اجلاس ۾ سائين بخش بنگلاڻي، منظور جانوري، طارق خاصخيلي، نياز بليدي، مشتاق قمبراڻي، جانثار مسڻ، خان چانڊيو، اسد ٻگهيو ۽ ٻيا شريڪ هئا. اجلاس ۾ 8 اپريل تي ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادڪاري، انهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ڪي اليڪٽرڪ مان سنڌي آفيسرن جي جبري برطرفي خلاف پارٽي جي مرڪزي آفيس سنڌ مرڪز کان وٺي ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو   فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مان برطرفي ڪيل سنڌي انجنيئرن ۽ آفيسرن جي برطرفي وارا آرڊر واپس وٺي فوري بحال ڪيو وڃي. ان کان علاوه جن آفيسرن انجنيئرن کي برطرفي جا نوٽيس ڏنا ويا آهن، اهي فوري واپس ورتا وڃن ٻئي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۾سنڌي  بچائڻ لاءِ آفيسرن کي تعصب پرستي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.هن چيو ته سنڌي ملازمن جي برطرفي سنڌ دشمن عمل آهي، هن چيو ته انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته تازو 57 برطرف ڪيل انجنيئر آفيسرن مان 55 سنڌي آهن جيڪي انتهائي هاءِ ڪوليفائيڊ، گولڊ ميڊلسٽ  جن جي رات ڏينهن محنت سان ڪي اليڪٽرڪ  پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪيو آهي.  380 سنڌي آفيسر انجنيئرن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي.  جن کي ترت ئي برطرف ڪيو ويندو.اجلاس کي خطاب ڪندي امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته سنڌ نيشنل پارٽي اهڙي سنڌ دشمن عمل خلاف ڀرپور آواز اٿاريندي ۽ احتجاج ڪندي،  اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي ۾ برطرفي ۽ هنن سان ٿيندڙ زيادتي برداشت نه ڪنداسين. ته ڪراچي ۾ سنڌي آفيسرن جي برطرفي اتفاقي نه پر وڏي سازش جو حصو آهي. . هن وڌيڪ چيو ته هڪ سازش تحت نه صرف ڪي اليڪٽرڪ پر ڪراچي ۾ کوڙ سارن سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن سان تعصب جي بنياد تي نفرت وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، واٽر بورڊ، ڪي ايم سي ۽ ٻيا ادارا سرفهرست آهن. اهو هڪ دفعو نه پر اهڙا نفرت انگيز رويه، تعصب پرستانه عمل روز جو معمول بڻيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ تعصب پرست مافيه کان سنڌين جو وجود برداشت نه پيو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو مختلف ادارن ۾ سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن سان زيادتي جو سبب هنن جو سنڌي هجڻ آهي.  سنڌي پنهنجي ئي شهر ۾ انتهائي نفرت انگيز ۽ سنڌ دشمن روين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هاڻي سنڌ دشمن تعصب پرست ٻڌي ڇڏين ته سنڌي ڪنهن به صورت ۾ ننڌڻڪا نه آهن. ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جو ۽ انهن جي روزگار جو  هر طرح سان  تحفظ ڪرڻ اسين پنهنجو فرض سمجهون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *