Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت ۽ ڪياماڙي ضلعي انتظاميا جي نااهلي، لاپرواهي ۽ ڪرپشن، 18 انساني جانيون ڳڙڪائي وئي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) ڪياماڙي ۾ اننتظاميا جي  نااهلي، لاپرواهي ۽ ڪرپشن، 18 انساني جانيون ڳڙڪائي وئي، ماحوليات، ليبر، انڊسٽريز ۽ رٿابندي کاتي سميت ضلعي انتظاميا ٻارڙن سمميت 18 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيڻ بعد جاڳي پيا، وڏي وزير ۽ صحت کاتي کي به يادگيري اچي وئي. ڪياماڙي ضلعي ۾ صوبائي توڙي ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب زهريلي گئس خارج ڪندڙ فيڪٽريون قائم ٿيڻ سبب ڳوٺ علي محمد لغاري ۾ غيرقانوين فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي خارج ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙن سميت 18 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻارڙا غيرقانوني فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي گئس سبب ڦڦڙن جي بيمارين ۾ مبتلا آهن، جنهن جي نتيجي ۾اڃا وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو خدشو برقرار آهي.  فوتگين ۾ اضافي جو خدشو برقرار، صحت کاتي زهريلي گئس پکڙجڻ سبب فوتگين جي تصديق ڪري ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺي ورتو، رپورٽ طلب. ڪيماڙي جي ڳوٺ علي محمد لغاري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ قائم غيرقانوني فيڪٽرين انساني زندگين لاءِ قاتل گئس خارج ڪرڻ لڳيون،

ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي مختيار ابڙو چيو آهي ته، غيرقانوني فيڪٽرين کي سيل ڪري ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، ڊي سي هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اهو واضع نه ڪيو ته گرفتار ڪيل فيڪٽرين جا ملاڪ آهن يا مزدور.

ان سلسلي ۾ صحت کاتي به ڳوٺ محمد علي لغاري ۾18ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن دوران زهريلي گئس پکڙجڻ سبب ٻارڙن سميت 18 ڄڻا فوت ٿيا آهن، اڃا ڪيترائي ماڻهو بيمار به آهن، ڊاڪٽرن جون ٽيمون ڳوٺ ۾ موڪلي ماڻهن کي طبي امداد مهيا ڪئي پئي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيڪٽرين جي زهريلي گئس پکڙجڻ سبب ماڻهن جا ڦڦڙخراب ٿيا، فيڪٽريز جي زهريلي دونهين سبب ماحوليات تي به تمام گهڻو خراب اثر پيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *