Tuesday , April 16 2024

ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپرکي نوٽيس جاري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاران جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم منتقل ڪرڻ واري ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سوڌو فائدو حاصل ڪندڙ 13 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سمِٽ، يو بي ايل ۽ سنڌ بئڪ جي سربراهن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت جعلي اڪائونٽ کولرائيندڙ، سمٽ ۽ يو بي ايل سربراهن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم  ڏنو آهي. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي 12 جولاءِ تي طلب ڪيل سمورن ماڻهن جي پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي سوگهو ڪيو ته مسئلو حل ٿي ويندو، معاملي جي پاناما جهڙي جاچ ڪرائي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇا ڪئي ته جاچ موجب ڪيترن ارب رپين جو معاملو آهي، جنهن تي بشير ميمڻ چيو ته 2010ع ۾ سروس انفارميشن جي بنياد تي جاچ ڪئي وئي، 4 اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي، 29 اڪائونٽس جي هاڻي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته محمد عمير پرڏيهه ۾ آهي، عدنان جاويد جا 3 اڪائونٽس لڪي انٽرنيشنل جي نالي تي آهن، قاسم علي جا 3 اڪائونٽس رائل انٽرنيشنل جي نالي تي آهن، بشير ميمڻ چيو ته طارق سلطان ۽ ارم عقيل رابطي ۾ آهن، محمد اشرف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته سڀني کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، هڪ ڪيس به داخل ڪيو، 16 سمٽ، 8 سلڪ بئنڪ ۽ 5 يو بي ايل جا اڪائونٽ آهن. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته اڪائونٽس 7 ماڻهن بابت هئا، اهڙن اڪائونٽس مان 35 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، منهنجي حڪم تي سمٽ بئنڪ جو سنڌ بئنڪ روڪيو ويو. بشير ميمڻ چيو ته محمد اشرف جي نالي تي هڪ ذاتي ۽ 4 لاجسٽڪ ٽريڊرز اڪائونٽس آهن، محمد عمير جو هڪ ذاتي ۽ 6 عمير اسپورٽس جي نالي تي اڪائونٽ آهن، سمورن ماڻهن کي طلب ڪري رکيو آهي.

جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڳو نوٽيس جاري ڪرڻ ڪافي ناهي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي سپريم ڪورٽ جي مدد گهربل هوندي، وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي پڪڙيو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، سمٽ ۽ يو بي ايل بئنڪ جي سربراهن کي گهرايون ٿا، جيڪڏهن هو رڪارڊ فراهم نه ٿا ڪن ته ڏسي وٺنداسين. چيف جسٽس چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي گڏيل ٽيم ٺهي نه ٿي سگهي، پاناما طرز تي جي آءِ ٽي ٺاهيو جنهن ۾ فنانشل ماهر به هجن. چيف جسٽس سوال ڪيو ته زرداري گروپ کي پئسا ڪهڙي اڪائونٽ مان ويا جنهن تي ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ چيو ته زرداري گروپ ڏانهن به پئسا شڪي اڪائونٽ مان ئي ويا آهن. سپريم ڪورٽ آصف زرداري، فريال ٽالپر،  اقبال آرائين، محمد عـُمَــير، عـدنان جاويد، ناصر عبدالله ۽ قاسم علي کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پاران چمبڙ شگر ملز، ايگرو فارم ٺٽو، زرداري گروپ آف انڊسٽريز، اومني پوليميئر پئڪيجز ۽ پاڪ ايٿنول جي انتظاميا کي به نوٽيسز جاري ڪياويا. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيل ماڻهن جي پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي جعلي اڪائونٽس ذريعي رقم جي منتقلي واري معاملي بابت پاناما طرز جهڙي جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڊي جي ايف آءِ اي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته، جعلي اڪائونٽس ذريعي زرداري گروپ لميٽيڊ، انصاري ۽ چمبڙ شگر ملز کي ڪروڙين رپيا ڏنا ويا. سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ذريعي ڏوڪڙ منتقل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ پاران جعلي اڪائونٽس ذريعي رقمون منتقل ڪندڙ 7 ڄڻن جا نالا پيش، ڊي جي ايف آءِ اي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته، جعلي اڪائونٽس ذريعي اومني کي 50 لک، پاڪ ايٿنول کي ڏيڍ ڪروڙ، چمبڙ شُگر ملز کي 20 ڪروڙ، ايگرو فارم ٺٽو کي 57 لک ۽ زرداري گروپ آف پرائيويٽ لميٽيڊ کي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *