Friday , April 19 2024

ڪوٽڙي ۾ گونگي ناري سان ڏاڍائي ۽ قتل،پوليس جوابدار کي بچائڻ جي ڪوشش

ڪوٽڙي (سنڌسماءَچار نيوز) ڪوٽڙي ۾ ناري سان لڄالٽ ڪرڻ بعد کي بيرحمي سان قتل ڪندڙ جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ ۾ پوري آهي.  ڪوٽري پوليس طرفان گونگي ناريءَ کي بدترين تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان شيخ شيرين بروهيءَ جي لڄ لُٽڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پوليس موجب پُڇاڳاڇا دوران جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هُن گونگي ناريءَ سان لڄالٽ ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. اعترافي بيان ۾ جوابدار وڌيڪ چيو آهي ته، هن گونگي ناري کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار جي اعترافي بيان جي باوجود به ڪوٽڙي پوليس جوابدار خلاف ناري کي اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ، تشدد ڪرڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار عبدالرحمان شيخ ڪوٽڙي جي انتهائي بااثر ماڻهن جو ووٽر ۽ سپورٽر آهي، انڪري پوليس انهي خوف ۾ ڪيس داخل نه پئي ڪري. شيرين بروهي جي جنازي نماز اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ادا ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙهه سوين آلين اکين سان ايراني پير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي شيرين بروهيءَ جي بيرحماڻي قتل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *