Saturday , April 20 2024

ڪوٽڙي ۾ پوليس جو ڪچي شراب جي بٺي تان گرفتار شڪي جوابدار پوليس حراست ۾ فوت،وارثن جو احتجاج

ڪوٽڙي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڪوٽڙيءَ ۾ سي آءِ اي پوليس اهلڪار جي گهر تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل جوابدار ٿاڻي تي پهچندي ئي فوت ٿي ويو، وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس کيس تشدد ڪري ماريو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ آهي ته جوابدار جو موت دل بيهڻ سبب ٿيو آهي. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب سي آءِ اي پوليس خانزاده ڪالوني ۾ پوليس اهلڪار حسن سولنگي جي گهر تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪري هڪ جوابدار عمر سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي ٿاڻي تي وٺي آئي، جتي هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته پوليس فوتي جو لاش تعلقه اسپتال ڪوٽڙي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي وئي. فوتي جي پٽ اعجاز سولنگي ۽ بين وارثن الزام هڻندي چيو آهي ته پوليس سندس والد کي گهران گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻي تي کڻي وئي، جتي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن ڪري هو فوت ٿيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي سي آءِ اي جي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ڄامشورو عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته جوابدار کي خوف سبب دل جو دورو پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو فوت ٿي ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *