Thursday , April 25 2024

ڪوهستان ۾ شاهراهه قرارم تي مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي،17 مسافر فوت

راولپنڊي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اپرڪوهستان واري علائقي ۾ شاهراهه قراقرم تي تگيز رفتار مسافر بس اونهين کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا، بس ۾ سوار هڪ عورت معجزاڻي طور تي بچي وئي. مقامي انتظاميا ۽ ڊي پي او جو چوڻ آهي ته، اپر ڪوهستان جي لوٽر واري علائقي ۾ تيز رفتار بس اونهين کاهي ۾ ڪري پئي. بس ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 مسافر سوار هئا، جن مان 17 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڊي پي او موجب حادثي دوران بس ۾ سوار هڪ عورت معجزاڻي طور بچي وئي آحي، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي جو اطلاع ملڻ شرط پوليس امدادي ٽيمن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي فوتين کي حادثي جو شڪار ٿيل بس مان ڪڍيو ويو آهي. ڪوهستان جي پوليس آفيس آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته اونداهي هجڻ ۽ ڏورانهون علائقو هجڻ ڪري امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيو پيش اچي رهيون آهن. حد جي پوليس آفيسرعبدالغفور ٻڌايو ته حادثو آچر ڏينهن شام ڌاري پيش آيو پر علائقي ۾ فون يا وري موبائل فون سميت رابطي جو ذريعو نه هجڻ ڪري رات دير سان خبر پئجي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *