Thursday , April 25 2024

ڪورنگي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه،18 پورهيت سڙي فوت

ڪراچي ( ڪرائيم رپورٽر     سنڌسماءَچار) ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 18 پورهيت سڙي فوت، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو، فوتگين ۾ واڌ جو خدشو، فائربرگيڊ عملي جا 3 رضاڪار به سڙي زخمي ٿي پيا. ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي مهراڻ ٽائون ۾ ڪيميڪل جي ڪارخاني ۾ صبح جو ساڍي ڏهين وڳي اوچتو باهه لڳي وئي، اطلاع تي فائربرگيڊ ۽ علائقي  واسي پهچي ويا، فائر برگيڊ ۽ علائقي واسين ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو. فيڪٽري کي باهه لڳڻ دوران ئي 18 پورهيت سڙي فوپت ٿي وپيا، جن جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا. باهه وسائڻ دوران فائربرگيڊ عملي جا 3 رضاڪار به سڙي زخمي ٿي پيا.

علائقي واسين ۽ ڀرپاسي واسين جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جن ۾ آفيس عملو به شامل هو. فائر برگيڊ عملي جوڳ چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ اچڻ وڃڻ جو هڪ ئي رستو هو، عمارت ۾ ڪو به هنگامي رستو نه هو، جنهن جي ذريعي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾امدادي ڪارروايون ٿي سگهن يا امدادي رضاڪارن کي عمارت اندر داخل ٿي پورهيتن کي بچائڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *