Saturday , April 20 2024

ڪورنگي ۾ رهائشي عمارت ڪري پئي، 2ٻارڙين جا لاش ڪڍيا ويا، 4کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع، 8ڄڻن کي بچايو ويو

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌ سمساءَچار) ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙين سميت 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دٻجي فوت ٿيل ٻن ٻارڙين جا لاش ڪڍيا ويا آهن، عمارت اندر 6 کان وڌيڪ خاندان رهندڙ هئا، ريسڪيو ٽيمن جو چوڻ آهي ته ڪريل عمارت جي ڍير مان 8 کان وڌيڪ زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪورنگي جي الله والا ٽائون ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت اوچتو ڪري پئي، عمارت ڪرڻ جي اطلاع تي سڀ کان پهريان علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهتا، جنهن بعد ريسيڪو ٽيمون ڪريل عمارت واري هنڌ پهتيون. علائقي واسين دعويٰ  ڪئي آهي ته عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هيل تائين 2 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن،جن ۾ 2 ٻارڙيون شامل آهن. علائقي واسين موجب ريسڪيو ٽيمن 8 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي ۾ 20کان وڌيڪ ماڻهو اڃا به دٻيل آهن، عمارت اندر 6 کان وڌيڪ ڪٽنب رهندا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *