Thursday , March 28 2024

ڪوئٽا ڌماڪو15شهيد،25 ڄڻا زخمي–لاهور ۾ نواز شريف جي اڳواڻي ۾ جشن تي فرق نه پيو

pml n jashan1

ڪوئٽا جي پشين بس اسٽاپ تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي ۾ فورسز جي 8 اهلڪارن سميت 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، ڌماڪي جي نتيجي  ۾ 25 کان کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ريسڪيو ٽيمن شهيدن جا مڙھ ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري ڇڱڏيو آهي.  ساڳئي وقت لاهپر ۾ نون ليگ جو سرابراهه ۽ سپريم ڪورٽ پاران نا اهل قرار ڏنو اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، هڻ پنهنجي 33 منٽن کان وڌيڪ واري تقرير ۾ هڪ لفظ به ڪوئٽا ڌماڪي بابت نه ڳالهايو.

ڪوئٽا ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويلن ۾ 8 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ 7 شهري شامل آهن، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 25 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن مان ڪجھ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته، ابتدائي جاچ مطابق ڌماڪو آپگهاتي آهي. هڪ موٽرسائيڪل سوار بمبار موٽرسائيڪل کي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان ٽڪرايو ته ڌماڪو ٿيو.

ڪوئٽا ۾ ڌماڪو،سيڪيورٽي فورسزجي اهلڪارن سميت 15 ڄڻا شهيد-لاهور ۾ نون ليگ جو جشن جاري

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽا ۾ هڪ آپگهاتي ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 8 جوانن سميت 15 ڄڻا شهيد ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جنهن وقت ڌماڪو ٿيو بلڪل ان وقت پاڪستان مسلم ليگ نون جو لاهور ۾ داتا درٻار ڀرسان جلسو هلي رهيو هو. جلسي ۾ ڀنگڙا ڊانس هلندڙ هو، نواز شريف، شهباز شريف، بلوچستان جو وڏو وزير سردار ثناءُ الله زهري سميت نون ليگ جا اڳواڻ خوشي جو اظهار ڪري رهيا هئا.

نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي ناهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي تقرير دوران رڳو پنهنجي نااهلي واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت ڳالهايو.

تقرير جي آخر۾ صرف هڪ جملو ڪوئٽا سانحي بابت ڳالهايو ۽ تقرير ختم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ به نون ليگ جي جلسي ۾ جشن جاري رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *