Saturday , April 20 2024

ڪوئٽا سانحي جي ڪميشن حقيقتن جي ابتڙ رپورٽ جوڙي: چوڌري نثار

queta blast

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئٽا سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن گهرو وزارت بابت جيڪي به آبزرويشن ڏنيون اهي حقيقتن جي ابڙ آهن. چوڌري نثار جي وڪيل مخدوم علي 64 صفحن تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو، جواب ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا سانحي جي حوالي سان ڪميشن گهرو وزارت کي ذميوار قرار ڏنو هو. جواب ۾ چيو ته چوڌري نثار جي سربراهي ۾ گهرو وزارت دهشتگردن جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. چوڌري نثار پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا سانحي ڪميشن آبزرويشن ۾ گهرو وزارت بابت حقيقتون سامهون نه رکيون آهن. جواب ۾ چيو ويو ته گهرو وزارت کي اعتراض داخل ڪرائڻ لاءِ رپورٽ سان گڏ لاڳاپيل رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو آهي. داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا واقعو هڪ قومي سانحو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. گهرو وزير جواب ۾ چيو ته پوري ملڪ ۾ سڀئي سڪيورٽي ادارا ذميواري سان ڪم ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ 6 آڪٽوبر 2016 تي ڪوئيٽا سانحي بابت ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *