Thursday , March 28 2024

ڪوئٽا دهشتگردن نشاني تي، ايليٽ فورس جي گاڏي تي آپگهاتي حملو،8 ڄڻا شهيد ۽25 زخمي

ڪوئيٽا (سنڌسماءَچار نيوز) ڪوئيٽا ۾ ٻيهر دهشتگردي، ايليٽ فورس جي گاڏي تي آپگهاتي حملو، ڌماڪي ۾ 6 اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد ۽ 25 سڙي زخمي ٿي پيا، جن مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، بلوچستان حڪومت جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، دهشتگرد افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن، ڪاررواين ۾ ”را“ ۽ ”اين ڊي ايس“ ملوث آهي. نيو سرياب واري علائقي ۾ قومي شاهراهه تي دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ايليٽ فورس جي ٽرڪ سان ٽڪرائي ڇڏي، ڌماڪي ۾ ٽرڪ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.

ڌماڪي ۾ ايليٽ فورس جا 6 اهلڪار ۽ 2 واٽهڙو ٿڏي تي شهيد ۽ 25 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما جو چوڻ آهي ته ٻن گاڏين ۾ سوار ايليٽ فورس جا اهلڪار قاسم لائين کان پوليس لائين اچي رهيا هئا ته درخشان ڦاٽڪ ڀرسان کين نشانو بڻايو ويو، هڪ گاڏي ۾ 25 ۽ ٻي ۾ 12 اهلڪار سوار هئا. ڌماڪي ۾ زخمين مان 13 ڄڻن کي سي ايم ايڇ ۽ 10 کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪانسٽيبل شوڪت، شڪور، عمران ۽ منصور سميت 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 100 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو، ڌماڪي سبب ايليٽ فورس جي ٽرڪ مڪمل طور تي سڙي وئي، جڏهن ته 2 موٽر سائيڪلون ۽ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي به تباهه ٿي وئي، ٻئي طرف شهيدن جا لاش سول لائين منتقل ڪري سندن جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ لاش سندن اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا.

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ۽ گورنر محمد خان اچڪزئي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڌماڪي کانپوءِ صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي، وقتي آءِ جي ايوب قريشي، ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما ۽ ٻين واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو، ان موقعي تي سرفراز بگٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪو آپگهاتي هو، دهشتگرد بلوچستان ۽ ڪوئيٽا کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهن، انهن ڪاررواين ۾ ”را“ ۽ ”اين ڊي ايس“ ملوث آهن، هن چيو ته دهشتگرد افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن پر سندن بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *