Friday , March 29 2024

ڪوئيٽا ۾ ايف سي مددگار سينٽر تي آپگهاتي حملو،5دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي انتهائي حساس سمجهئي ويندڙ علائقي چمن هائوسنگ سوسائٽي واري علائقي ۾ قائم ايف سي جي مددگار مرڪز آپگهاتي دهشتگرد جو حملو ن اڪام بڻايو ويو، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 4 ايف اهلڪار گهائجي پيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته، دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي سوڌو ايف سي مددگار سينٽر اندر داخل ٿيڻ چاهين پيا، جن ماريول ويو آهي. ايف سي جي سروي نمبر 31  چمن هائوسنگ سوسائٽي جي فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي مددگار سينٽر تي حملي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 ايف سي اهلڪار زمخي ٿي پيا.

ڪوئلي ڦاٽڪ ۽ چمن هائوسنگ سوسائٽي اسڪيم وچ ۾ موجود ڪوئيٽا جي حساس ترين علائقي ايڪٽيهه سروي ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جو آواز ٻڌو ويو، جنهن کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو به شروع ٿي ويو. حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ جوابي فائرنگ ۾ ٻن حملي آورن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ فوج جا دستا پڻ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايف سي جي مددگار سينٽر پهتا. ڌماڪن سان ويجهن گهرن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن ايف سي مددگار سينٽر تي هڪ گاڏي ذريعي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مادو پيل هو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردي جي حملي جي جواب ۾ فرنٽثيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن تڪڙي جوابي ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگرد ماري وڌو. مارجي ويل پنج ئي دهشتگرد منهن مهانڊي مان افغاني شهري لڳي  رهيا آهن. آءِ ايس پي آر ڌماڪن بعد پاڪ فوج جا جوان به واقعي واري هنڌ پهچي ويا. پاڪ فوج ۽ ايف سي جي جوانن جي ڀرپور جوابي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي هي حملو ڪالهوڪي آپريشن مان فرار ٿيل دهشتگردن جي ڪارروائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *