Friday , March 29 2024

ڪوئيٽا جي هزار گنجي ويجهو سبزي منڊي ۾ ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 ڄڻا ڦٽجي پيا

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) ڪوئيٽا جي هزار گنجي ڀرسان شالڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ سبزي منڊي جي مک دروازي وٽ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽجي پيا، ڌماڪي جي نتيجي ۾  هڪ پوليس موبائل سميت 10 کان وڌيڪ گاڏيون به تباهه ٿي ويون. ڌماڪي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، پوليس جو چوڻ  آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، هزار گنجي جي شالڪوٽ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا. پوليس  جيڪو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو ٿڏي تي مارجي  ويا ۽ 5 ڄڻا ڦٽجي پيا، پوليس ريسڪيو رضاڪارن جي مدد سان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ۽ پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪوئيٽا جي شالڪوٽ ٿاڻي جي حدن ۾ واقع ڪراچي روڊ تي موجود سبزي منڊي جي مک دروازي وٽ زرودار ڌماڪيو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 5کان وڌيڪ زخمي ٿيا، پوليس ۽ ريسڪيو رضاڪارن جو چوڻ آهي ته زخمين مان 2 ڄڻا اسپتال منتقل ڪرڻ دوران زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو،  زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڪجهه زخمين جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته، ڌماڪيدار مادو هڪ موٽرسائيڪل ۾ رکيل هو، ڌمامڪو رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو يا ٽائيم ڊوائيس ذريعي ان ڍ جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان رابطن ۾ هئڻ جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *