Friday , April 19 2024

ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس، ٻيٽن تي منصوبا، لاڳاپيل قانوني گهرجون فوري طور پوريون ڪرڻ جي هدايت

سنڌ جي ٻيٽن تي ولار جي مخالفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ذميواريون وڏي وزير حوالي

سنڌبئراج ٺاهڻ ۾ آيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽن تي شروع ٿيندڙ منصوبن لاءِ؛ صوبائي حڪومت جي اختيارين ۾ ايندڙ معاملا جلد اڪلايا وڃن، ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطن لاءِ  قائم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گذريل جمعي ڏينهن (5 ڊسمبر) تي ٿيل اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندن جي وڏي وزير کي هدايت، ذريعن موجب ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي سنڌ بئراج واري منصوبي تي به سنڌ کي اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گذريل جمعي ڏينهن پنجين ڊسمبر تي ڪراچي جي ترقياتي منصوبن بابت تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس وفاقي وزير اسد عمر، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين جي  نمائندن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ جي بُنڊاڙ ٻيٽ تي نئون  شهر اڏڻ، ان سان لاڳاپيل معاملن ۽ صوبائي حڪومت پاران منصوبن لاءِ گهربل سهولتن ڏيڻ، ڪراچي شهر ۾ ميگا پروجيڪٽس جي ٺيڪن بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي اندروني ڪهاڻي بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب اجلاس ۾ شريڪ وفاقي حڪومت/اداري جي اهم شخصيت، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي حڪومت جي واڳيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته، ٻيٽن تي شروع ٿيندڙ منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت جي اختيارن ۾ ايندڙ معاملا اوليت جي بنياد تي حل ڪيا وڃن، انهن ۾ پيش ايندڙ قانوني رنڊڪن کي به حل ڪرڻ ۾ سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت، پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي سميت واڳيل ادارن سان سهڪار ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي نمائندن وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ٻيٽن تي منصوبن واري معاملي تي صوبائي حڪومت سان لاڳاپيل سمورن معاملن کي اُهي پاڻ سڌي ريت مانيٽر ڪن.

ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ٿيل اجلاس بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق؛ سنڌ حڪومت خاص طور تي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته، ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي هلندڙ مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ان سلسلي ۾ سماجي ويب سائيٽس تي هلندڙ منهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايف آءِ اي، پي ٽي اي سميت لاڳاپيل ادارا سنڌ سرڪار جي مدد ڪندا. ذريعن موجب سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران ٻيٽن واري معاملي تي ٿيندڙ احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن کان جنهن به قسم جي مدد گهرجي اُها مهيا ڪئي ويندي، جنهن لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ شامل وفاقي نمائندا هر وقت سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ موجد هوندا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، شهر جي گندي پاڻي ۽ برساتي نالن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ويندي، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪندي. ان سلسلي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، نالن تان قبضا هٽائڻ جي صورت ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ ان جي زمينن تي ٿيل قبضا هٽائڻ جي صورت ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي به آباد ڪرڻ لاءِ 3 هزار ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت مهيا ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير اسد عمر کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته، ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ حڪومت جي نمائندن پاران ميڊيا تي جيڪي به ڳالهيون ڪيون وپيون وڃن انهن تي ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو وڃي، يا وري ان ردعمل ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو وڃي، ان سان هن منصوبي تي سنڌ حڪومت طرفان ٿيندڙ سهڪار متاثر ٿي سگهي ٿو، سياسي بنيادن تي سنڌ حڪومت جي بيانن تي وفاقي حڪومت يا ان جي نمائندن کي ڪا به ڪاوڙ يا سخت ردعمل ظاهر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي .

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *