Tuesday , March 19 2024

ڪهڙا سرڪاري ملازم صحافت ڪن ٿا؟فهرست ٺاهيو:سنڌحڪومت نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي( سنڌ سماءَچار نيوز) سنڌ حڪومت کي 11 مهينن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ياد اچي وئي آهي. سنڌ سرڪار صحافت ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڊويزنز جي ڪمشنرز جي سربراهي ۾ ڌا ڌار ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. ابتدائي طور تي تعليم کاتي سميت سنڌ سرڪار جي ڪنهن به کاتي ۾ ملازمت ڪندڙ صحافت سان لاڳاپيل ملازمن جي فهرست جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪندي حيدرآباد، لاڙۡڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ڪراچي ۽ ميرپور خاص ڊويزنز جي ڪمشنرز جي سربراهي ۾ 5 ڌار ڌار ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. ڪميٽين ۾ لاڳاپيل ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، سُڌسماءَ واري کاتي جو ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن ۽ ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪميٽي جا ميمبرز هوندا. هر ضلعي ڪميٽي جو سربراهه ڊپٽي ڪمشنر هوندو.

ياد رهي ته چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ اهڙُ نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ جي 14 ڊسمبر 2016 تي جاري ڪيل هڪ حڪم جي روشني ۾ جاري ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم هڪ آئيني درخواست نمبر ڊي 1718/2016 تي مختلف ٻڌڻيون ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيو هو.

ڇيف سيڪريٽري ساڳيو نوٽيفڪيشن اينٽي ڪرپشن، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ سميت لاڳاپيل کاتن/اٿارٽيز ڏانهن به اماڻيو آهي. جنهن ۾ کين وڌيڪ ضروري ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *