Tuesday , April 23 2024

ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن جو پوليس تي حملو، 2 اهلڪار شهيد ۽ 2 ڦٽجي پيا

ڪنڌڪوٽ ۾ دراني مهر ٿاڻي جي پوليس تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

ڪنڌڪوٽ (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي پوليس تي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار ٿڏي تي شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين وقفي وقفي سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر ٿاڻي جي دودو پوليس چونڪي تي ڌاڙيلن جي ٽولي راڪيٽ لانچرز ۽ جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو، ڌاڙيلن راڪيٽ لانچر سان پوليس موبنائل کي به نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جا ٻه جوان عنايت ڊريهو ۽ غلام حيدر ڀيو ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. ڌاڙيلن جي حملي بعد پوليس اهلڪارن ساڻن مقاب لو ڪيو، جنهن دوران ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار پيارو ملڪ ۽ عطا محمد مشوري گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مرڻينگ ٿي پيا. پوليس شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال پهچايو ويو، جتي شهيد اهلڪارن جي مڙهن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي. زخمي پوليس اهلڪارن جو علاج هلندڙ آهي، جن جي حالت بابت ڊاڪٽرن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

فضل الله پيچوهو به نيب جي نشاني تي اچي ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *