Thursday , April 25 2024

ڪنڌڪوٽ ۾ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

حادثي جو شڪار 4 ڄڻن جا لاش ڪرين جي مدد سان چيٿاڙيل ڪار مان ڪڍيا ويا

ڪنڌڪوٽ (خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار)ڪنڌڪوٽ ڀرسان انڊس هاءِ  وي تي ٻن گاڏين وچ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت چار ڄڻا فوت ٿهي ويا، فوتين ۾ پارڪو جو آفيسر به شامل آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ گئس فيلڊ وٽ راڻو اسٽاپ تي تيز رفتار ٽرڪ سامهون ايندڙ ڪار مٿان چڙهي وئي. ٽرڪ ڪار کي ڪجهه پنڌ تائين گهليندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار 4 ڄڻا ٿڏي تي موت جي منهن ۾ هليا ويا. حادثي جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي واسي سڪيورٽي ڪمپني جو آفيسر 50 ورهين جو غلام سرورو ڪلهوڙو، شڪارپور واسي پوليس اهلڪار 45 ورهين جو غلام رسول شيخ، سڪيورٽي گارڊ غوثپور واسي ثناءُالله اوڳاهي ۽ ڪار ڊرائيور ڪنڌڪوٽ واسي محمد ايوب گولو ڪار ۾ شامل. حادثي جو اطلاع ملڻ تي علائقي واسين حادثي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار ٿيل ڪار مان فوتين جا لاش ڪڍيا، ان دوران پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ فوتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *