Thursday , April 18 2024

ڪنڌڪوٽ ڪوٽ ۾ قيامت صغريٰ، قبائلي تڪرار 9 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سبزوئي، جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري وچ ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر باهه ڀڙڪي پئي، چاچڙ برادري جي هڪ ئي ڪٽنب جا 9 گهرڀاتي قتل، سنڌ پوليس، خاص طور تي ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ امجد شيخ لاچار بڻيل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ ڪيترن ئي ورهين کان هلندڙ چاچڙ، جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادرين جي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جمعي ڏينهن شام ڌاري ٻيهر ڀڙڪي پيو. شام جو لڳ ڀڳ ساڍين ڇهين وڳين ڌاري جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي هٿياربندن چاچڙ برادري جي گهرن  حملو ڪري جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. وحشي هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 9 گهر ڀاتي مارجي ويا. علائقي ۾ 9 ماڻهو مارجڻ باوجود جمعي ۽ ڇنڇر واري رات دير تائين ايس ايس ڪنڌڪوٽ معاملي جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.

جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي ڏوهارين پاران ڪيل حملي ۾ چاچڙ برادري جي مارجي ويل ماڻهن ۾ حامد، عبدالخالق سندس پٽ راحب ۽ شعبان چاچڙ، حضورو چاچڙ، شاھه مراد، منظور، انور، الله ورايو پٽ ميت 9 ڄڻا شامل آهن. آخري اطلاعن تائين متاثر ڌر پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻن ڄڻن جا لاش ۽ ٻن زخمين کي اسپتال پهچايو جڏهن ته 7 لاش رات دير تائين واقعي واري هنڌ پيل هئا. پوليس رات جو وقت ۽ ڪچي جو خطرناڪ علائقي هئڻ جو جواز ڄاڻائي واقعي واري هنڌ وڃڻ کان لنوائي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ امجد شيخ رات دير تائين ڪيترائي ڀيرا فون ڪرڻ باوجود ڪال اٽينڊ نه ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *