Thursday , March 28 2024

ڪنڌڪوٽ ۽ ڳڙهي ياسين ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا قتل

murder1

ڪنڌڪوٽ ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويا، مارجي ويل نوجوان جي وارثن لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، ڳڙهي ياسين ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڪنڌ ڪوٽ ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن مقتول جو لاش انڊس هاءِ تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

راڻو پوليس چوڪي وٽ هٿياربندن پراڻي دشمني تان فائرنگ ڪري نوجوان عبدالغفور عرف عطن ڀنگوار کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل نوجوان جي وارثن مڙهه انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان کان اڳ نوجوان جي قتل جي ڄاڻ ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڪنڌڪوٽ پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

ٻي طرف ڳڙهي ياسين ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن شهر جي نور مصطفيٰ چوڪ وٽ فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار شمس الدين دايو کي ماري ڀڄي ويا.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول پوليس اهلڪار جو لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي ياسين منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي..

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *