Thursday , April 25 2024

تنگواڻي ڀرسان لونءَ ڪانڊاريندڙ حادثو،10عورتون ۽ ٻارڙا فوت، سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

ڪنڌڪوٽ/تنگواڻي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽرين جو رڪشا کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 8 عورتن سميت 10 ڄڻا فوت ۽ 6 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين جو تعلق ٺل جي ڳوٺ دريا خان سان آهي، جتي سندن مڙهه منتقل ڪري جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن، هڪ ئي ڪٽنب جي 9 عورتن ۽ مردن جا جنازا کڄڻ وقت سڄو علائقو سوڳ ۾ وڪوڙجي ويو آهي. رات دير سان فوتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل.  اوڳاهي لاڙي وٽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 عورتن سميت 10 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ مسمات سهڻي، زرينا، ڪريمان، نورجهان، روبينا، سوني، مِٺُل، زاهده ۽ فرزانا شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ وقاص، طوبيٰ، سبحان، ارشد احمد ۽ فدا حسين شامل آهن. زخمين ۽ فوتين جا لاش تعلقه اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن فوتين جا لاش اوڳاهي لاڙي وٽ رکي ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته فوت ٿيلن جا لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا پر انتظاميا انهن کي اسپتال پهچائڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو. حادثي جي فوتين ۽ زخمين جو تعلق ٺل جي ڳوٺ دريا خان سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي ڳوٺ خادم لاشاري ۾ مائٽن سان تعزيت ڪرڻ بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. فوت ٿيل 8 عورتن جا لاش اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيا ويا هئا، جتي رات دير سان سندن اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *