Tuesday , April 16 2024

ڪنڌڪوٽ: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود صوبائي وزير ۽ ايم اين اي جي سرپئنچي ۾ جرڳو

Hazar khan bijaraniShabir bijarani

ڪنڌڪوٽ جي محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڀڄي کوسن وٽ پناهه وٺڻ تان کوسن ۽ محمداڻين جي ٻن ڌرين ۾ 4 سال اڳ شروع ٿيل جهيڙي ۾ 6 ماڻهن جي مارجڻ واري مامري جو صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ پ پ ايم اين اي شبير بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪري نبيرو ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين تي هڪ ٻئي 6 ماڻهو مارڻ تي مجموعي طور تي 76 لک 50 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ڪيو ويو آهي.

جرڳاڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ پ پ ايم اين اي مير شبير بجاراڻي پنهنجي سرپئنچي ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ڪيو.

محمداڻين ۽ کوسن جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ڪري متاثرن جا بيان ٻڌا ويا. خوني تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪري ٻنهي ڌرين تي 6 خونن جو 76 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڪنڌڪوٽ شهر جي هڪ شادي هال ۾ کوسا برادري ۽ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ مير شبير بجاراڻي جي سر پئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ حيدر علي جکراڻي، محمد صلاح گولو، خان محمد محمداڻي، عبد الرزاق کوسو ۽ ٻيا مشير هئا.

جرڳي ۾ ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد محمداڻي برادري تي کوسا برادري جا 4 خون ۽ کوسا برادري تي محمداڻي ڌر جا 2 ثابت ٿيا. جرڳي جي فتويٰ ڪريم ڏنو بڊاڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن تحت ٻنهي ڌرين تي 6 خونن جو مجموعي طور 76 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.

جرڳي کانپوءِ جهيڙي ۾ ملوث ڌرين کي کير کنڊ ڪري هڪٻئي سان ڀاڪر پارايا ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين تڪرار جي خاتمي تي علائقي ۾ خوشي جي لهر پڻ پکڙجي وئي آهي.

جهيڙي دوران ڀڄي کوسن وٽ پناهه وٺڻ تان 6 انساني جانيون ضايع ٿيون

خوني تڪرار بابت علائقي واسين کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب، ڪنڌڪوٽ جي محمداڻين وچ ۾ 4 سال اڳ ٻني ۾ ڪم دوران معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن دوران هڪ ڌر جو همراهه جان بچائي کوسن وٽ وڃي پناهه ورتي هئي. محمداڻين جي ماڻهن ڀڄي نڪتل همراهه جو پيڇو ڪري کوسن وٽ پهتا ۽ ان همراهه کي سندن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي. علائقي واسين کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب کوسن محمداڻين کي اهو چئي جواب ڏئي ڇڏيو ته همراهه سندن وٽ اچي پناهه ورتي آهي، انڪري هُو“سندن وٽ سام” آهي ۽ سام کي ڪنهن به صورت ۾ سندن حوالي نه ڪيو ويندو. جيڪو مامرو ان وقت ته ٽري ويو جيڪو ٻنهي ڌرين ۾ خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو ۽ مختلف وقتن تي ٿيل فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ کوسن جا 4 ۽ محمداڻين جا 2 ڄڻا مارجي ويا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *