Friday , April 26 2024

ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته ختم ڪري ڇڏي، جنهن به ڪرپشن ڪئي ان خلاف ڪارروائي ٿيندي: نيب چيئرمين

   نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال  – فائل فوٽو     

پشاور( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي ان خلاف هر صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي، جيڪڏهن ڪنهن کي اها خوشفهمي يا غلط فهمي آهي ته اهو طاقتور آهي انڪري سندس خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، ڪير به اهڙي غلط فهمي ۾ نه رهي. نيب جا نوٽيس منهنجا ذاتي دعوت ناما نه آهن، اهي قومي اداري طرفان نوٽيس موڪليا وڃن ٿا، جيڪڏهن احتساب ڪرڻ ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه ٿيندو رهندو.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ماڻهن کي نوٽيس عزت کي نظر ۾ رکندي موڪليا وڃن ٿا، ڪو به جڏهن نيب آفيس اچي ٿو ته پهرين ان کي چانهه پياري وڃي ٿي ۽ کائنس عزت سان پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو ته اوهان سرڪاري ناڻي جا امين هئا. هن چيو ته جڏهن ڪو ماڻهو نيب آفيس اچي ٿو ته کائنس پڇاڻو ڪيو  وڃي ٿو ته سرڪاري ناڻي جي رقم ڪٿي خرچ ٿي،  اهو پڇڻ ڪهڙو ڏوهه آهي ته ڪرپشن ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن احتساب ڪرڻ ڏوهه آهي ته پوءِ اهو ڏوهه ٿيندو رهندو، احتساب ڪرڻ قوم جي مفاد ۾ آهي، ڪرپشن جي خاتمي تائين عوام سک جو ساهه نٿو کڻي سگهي.

نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته هڪ صاحب چوي ٿو ته نيب جو ايڪشن چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي، نيب جو ڌانڌلي سان ڪهڙو تعلق آهي؟.جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته اسان جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي،  عوام ڄاڻي ۽ ان جو ووٽ ڄاڻي، احتساب کي ان لاءِ نٿو روڪي سگهجي ته چونڊون ويجهو آهن. ماڻهن کي ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، نيب جي هر ڪارروائي بنا ڪنهن ڊپ ۽ امتيازي سلوڪ جي ٿيندي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف ڪارروائي ملڪ جي مفاد ۾ آهي،  ڪرپشن کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *