Thursday , March 28 2024

ڪنري ۾ قتل ٿيل گهنشام جو لاش انصاف لاءِ 4 ڏينهن انتظار؛ پوءِ به سکڻو دم دلاسو

ڪنري (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران بااثر مک جوابدار ياسين جٽ جي گرفتاري لاءِ 5 ڏينهن کان جاري احتجاج دوران ڪو به چونڊيل نمائنمو لڙي وٽن نه پهتو، پنج ڏينهن گذرڻ بعد به ڊي آءِ جي ميرپورخاص مقتول جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جو سکڻو دلاسو ڏئي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو، مجبور ماڻهن نيٺ مڙهه دفنائي ڇڏيو آهي. ڪنري ويجهو ڳوٺ ڀرڪيو ۾ ٻڪرين جي ڦر دوران مزاحمت تي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيل گھنشام ڀيل جي وارثن 4 ڏينھن شھر جي مک چوڪ تي لاش رکي هنيل ڌرڻو نيٺ ختم ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڊي آءِ جي ميرپور خاص ثاقب اسماعيل ميمڻ ڌرڻو هڻي ويٺل گهنشام جي وارثن وٽ پهجچي کين خاطري ڪرائي ته مک جوابدار کي گرفتار ڪري کين انصاف ڏياريو ويندو، اهڙي خاطري بعد هنن ڌرڻو ختم ڪري مڙهه اباڻي ڳوٺ ڀرڪيو کڻائي ويا جتي مڙهه کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

گهنشام جي قتل واري معاملي ۽ وارثن جي چئن ڏينهن کان جاري ڌرڻي جون خبرون ميڊيا خاص طور تي www.sindhsamaachar.com پاران معاملي کي خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي زورائتي نموني اٿارڻ کانپوءِ نيٺ پرڏيهي معاملن جي وزير شاهه محمود قريشي، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام معاملي جو نوٽيس ورتو. آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ڊي آءِ جي ميرپور خاص ثاقب اسماعيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون. احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته، ڊي آءِ جي کين خاطري ڪرائي آهي ته مک جوابدار ياسين جٽ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هنن چيو ته ڊي آءِ جي پاران خاطري ڪرائڻ بعد هنن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ مڙهه به دفنائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان ڊي آءِ جي کي ٻڌايو آهي ته، ڪُنري پوليس هڪ ته سندن مرضيءَ موجب ڪيس داخل ناهي ڪيو، ٻيو وري قتل ۾ ملوث مُک جوابدار ياسين جٽ کي به گرفتار ناهي ڪيو. انس سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب پوليس بااثر جوابدار ياسين جٽ کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. ڊي آءِ جي آفيس ميرپورخاص جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته صوبائي وزير تيمور ٽالپر ۽ پوليس عملدارن جي ملي ڀڳت سان جوابدار کي ضمانت ڪرائڻ جي صلاح ۽ سهولت لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. جنهن دوران هُو گرفتري کان اڳ حفاظتي ضمانت ڪرائيندو. ان دوران ڪيس جي ٻي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ ۽ مجبورن داخل ڪرڻ جي صورت ۾ ايف آءِ آر ۾ به قانوني گهرجون اڻپوريون ڇڏڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *