Friday , April 26 2024

ڪمند جي آبادگارن کي 172 رپيا في مڻ ادا ڪري 10رپيا في مڻ سيڪيورٽي عدالت ۾ جمع ڪئي وڃي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن کي 172 رپيا في مڻ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شگر ملز مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته، حتمي حڪم تائين 10 رپيا في مڻ جي حساب سان سيڪيورٽي طور عدالت جي ناظر وٽ جمع ڪرائي وڃي. ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهه ڏيڻ بابت آئيني درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت درخواست تي عبوري/ عارضي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته، آبادگسرن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ ادا ڪيو وڃي، پر جيستائين عدالت ۾ ٻڌڻي هيڄ درخواست تي حتمي فيصلو اچي، ايستائين آبادگارن کي 172 رپيا في مڻ جي حساب سان آبادگارن کي ادا ڪيو وڃي. عدالتي حڪم مطابق 10 رپيا في مڻ جي حساب سان رقم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ جمع ڪرائي وڃي.

‎عدالت سمورين شگر ملز جي چيف ايگيزيڪيٽو آفيسرز / سي اِي اوز کي به حڪم ڪيو آهي ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت هڪ هفتي/7 ڏينهن اندر قسم نامون عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي. اهڙا حڪم ڏيندي عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد آبادگارن پاران 23 هين ڊسمبر تي حيدر آباد ۾ اعلانيل احتجاجي ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *