Friday , April 19 2024

ڪمند جو 172 رپيا في مڻ اگهه جي سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراڌي ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو اگهه 172 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري پنهنجي فيصلي جي 25 جنوري تائين سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين صوبي اندر سموريون شگر ملز چالو رکيون وڃن  ۽ 172 رپيا في مڻ اگهه تي عمل ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبادگارن جي ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه تي عمل نه ڪرڻ ۽ شگر ملز پاران توهين عدالت ڪرڻ وارين داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران مريد علي شاهه سميت آبادگار اڳواڻ ۽ شگر ملز مالڪن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. شگر ملز مالڪن اعتراض واريندي چيو ته عدالت پاران مقرر ڪيل اگهه جي ڪابينا کان منظوري نه ورتي وئي آهي، جيڪا هاڻي ورتي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو اگهه 172 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري پنهنجي فيصلي جي 25 جنوري تائين سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين صوبي اندر سموريون شگر ملز چالو رکيون وڃن  ۽ 172 رپيا في مڻ اگهه تي عمل ڪيو وڃي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته شگر ملز نه هلائيندڙ مالڪن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *