Friday , March 29 2024

ڪمند جا آبادگار رستن تي، بلاول هائوس آڏو ڌرڻو،سيڪيورٽي سخت

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار) ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ اڪثر شگرملز چالو نه ٿيڻ خلاف آبادگارن پاران بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هنيو پيو وڃي، حيدر آباد، ٽنڊو الهيار ۽ بدين سميت مختلف شهرن مان آبادگارن ۽ هاري پهچڻ جو به سلسلو جاري آهي. سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن پاران اڄ بلاول هائوس ويجهو بلاول چورنگي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو پيووڃي.

سنڌ جون شگرملز 2 مهينا گذرڻ باوجودچالو نه ٿيڻ ۽ سنڌ سرڪار پاران پنهنجي حڪمن تي عمل نه ڪرائي سگهڻ تي آبادگارن احتجاج دڳ وٺندي رستن تي اچي ويا آهن. سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ فارمرز آرگنائيزيشن پاران ننچن آبادگرن، هارين ۽ زرعي مزدورن پاران اعلانيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن منهجند جو هڪ وڳي بلاول چورنگي ڪلفٽن تي لڳندڙ ڌرڻي جي سلسلي ۾ ٽندو الهيار، سانگهڙ، بدين، ٽنڊو محمد خان سميت مختلف شهرن مان وفد ڪراچي پهتل آهن.

سنڌ ۾ پهريون ڀيرو 2 مهينا گذرڻ باوجود سنڌ جون سموريون شگر ملز چالو ناهن ٿي سگهيون، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست طور سڃاتو ويندڙ انور مجيد جي صنعتي گروپ جون سنڌ ۾ موجود اڪثر شگر ملز چالو ناهن ٿي سگهيون. جن کي چالو ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت قانون مطابق قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان به لاچار بڻيل آهي. سنڌ سرڪار شگرملز مالڪن جي خواهش مطابق کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏيندي ملز مالڪن کي ساڍا 9 رپين کان وڌيڪ في ڪلو جي حساب سان سبسڊي ڏنا پيا وڃن.

زراعت ۽ گهرو کاتي جو صوبائي وزير سهيل انور سيال(فائيل فوٽو)    

سنڌ سرڪار ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن کي ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا ڏيارڻ تي عمل ڪرائي شگر ملز چالو ڪرائڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان مڪمل طور تي لاچار نظر اچي رهي آهي.سنڌ ۾ جيڪي به چند شگرملز (انورمجيد جي ملز کانسواءِ) هلي رهيو آهن اهي وري آبدگارن ۽ ننڍن کاتيدارن جي مجبورين جو فائدو وٺندي ڪمند جو في مڻ 182 رپيا ڏيڻ بدران کين 130 کان 140 رپين تي ڪمند خريد ڪري رهيا آهن، پر ان باوجود سنڌ جو زراعت کاتو خاموش تماشائي نظر اچي رهيو آهي.

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته زراعت جو صوبائي وزير سهيل انور سيال جيڪو گهرو کاتي جو به وزير آهي، ان کي شگر ملز واري معاملي تي بيوس بڻايو ويو آهي. زراعت کاتي جي هڪ عملدار نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته زراعت کاتي خاص طور تي شگرملز ۽ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي سيڪريٽري، ڪين ڪمشنر توڙي وزير صاحب ”مٿان“ جي حڪمن تي لڪير جي فقير جيان هلي رهيا آهن، انهن جو کاتي تي قائدن، ضابطن ۽ قانون مطابق هلائڻ جو چاهڻ باوجود وس نه ٿو هلي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *