Friday , April 19 2024

ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي رهواسين جو احتجاج، آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه، عملو ڀڄي ويو

ڊفينس جي رهواسين جو سي بي سي آفيس آڏو ڌرڻو، انتظاميا سان ڏند چڪ، آفيس اندر ڀڃ ڊاهه، ڪاوا به ڀڃي ڇڏيا

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌ سماچار) ڪراچي جي انتهائي پوش ۽ مهانگي علائقي ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ ( سي بي سي) جي مختلف علائقن مان 5 ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي رستن تي نڪري آيا، سي بي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو، انتظاميا پاران ڌرڻو ختم نه ڪرڻ تي ڌمڪين بعد مڇريل ماڻهن آفيس ڀڃ ڊاهه ڪئي. ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ جي بلاڪ 5 سميت مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي بحال نه ٿيڻ خلاف رهواسين ڪنٽومينٽ بورڊ آفيس اڳيان علائقي واسين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سي بي سي انتظاميا ۽ پوليس اهلڪارن جي مظاهرين سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي احتجاج ڪندڙ علائقي واسي ڪينٽونمينٽ بورڊ جي آفيس جا دروزا ڀڃي اندر داخل ٿي ويا.

مڇريل ماڻهن دروازي جا ڪاوا به ڀڃي ڇڏيا، صورتحال خراب ٿيڻ تي سي بي سي انتظاميا وڌيڪ پوليس نفري گهرائي پاڻ آفيس ڇڏي ڀڄي ويا. احتجاج ڪندڙ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڃان تائين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، نظام ڪمزور هجڻ ڪري پاڻي بيهجي ويو، 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي ڏکڻ مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهچي ويو، جڏهن ته سي بي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو آهي، سي بي سي جو اعليٰ عملو فرار ٿي ويو، مظاهرين طرفان احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ گذريل رات به ڪلفٽن جي رهواسين تين تلوار ۽ خليق الزامان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هينو هو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري احتجاج سبب سي ايم هائوس طرف ويندڙ روڊ بند ٿي ويو هو ۽ ٽريفڪ معطل ٿيڻ جي نتيجي ۾ سوين گاڏيون بيهجي ويون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *