Thursday , April 25 2024

ڪشميري عوام ڄاڻي ٿو ته تحريڪ انصاف ڪشمير جو سودو ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ٺهراءُ منظور ٿي ويو پر وزيراعظم نظر نه آيو: پ پ چيئرمين

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، اڄ هر ڪشميري سمجهي ۽ چئي رههيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت والاريل ڪشمير ۽ ڪشميرين جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، رستن جو نالو سرينگر رکڻ ۽ والاريل ڪشمير کي پاڪستن جي سياسي نقشي ۾ شامل ڪرڻ سواءِ اکين ۾ سرمو پارائڻ جي ڪجهه به ناهي، گڏيل پارليامينٽ جَي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ڪشمير جِي حيثيت تبديل ڪرڻ تي رڳو هڪ منٽ جِي خاموشي ۽ نقشو تبديل ڪري ڀارت کي جواب ڏنو، هي جيڪو حڪومت هر جمعي ڏينهن رستن تي والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪندڙ مودي سرڪار خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو هو، ان اعالن جو ڇا ٿيو، ڪشميري عوام پڇي ٿو ته ساڻن ڌوڪو  ڇو ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاوول ڀٽو زردااري پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چيو ته، عمران خان رڳو پنهنجي پارٽي ۽ ٽوئيٽر جو وزيراعظم آهي، ان کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي والاريل ڪشمير ۽ ڪشميرين سان دلچسپي ان مان صاف ظاهر آهي ته هُو ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ وقت ايوان ۾ ئي موجود نه هو، تاريخ لکندي ته وزيراعظم عمران خان ان قرارداد جي حق ۾ ووٽ نه ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *