Thursday , March 28 2024

ڪشمور ڀرسان پنجاب ويندڙ گئس پائيپ لائن ۾ ڌماڪو

ڀونگ واري علائقي ۾ گئس پائيپ لائن ۾ ڌماڪي سبب پنجاب کي  گئس فراهمي معطل

ڪشمور (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪشمور ويجهو پنجاب کي گئس مهيا ڪندڙ پائيپ لائن ۾ ڌماڪو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٻرندڙ باهه تي ضابطو اچي ويو،پنجاب کي گئس سپلاءِ بند. ڪشمور ويجهو  ڀُونگ واري علائقي ۾ اڱاري ۽ اربع / 8 ۽ 9 جنوري جي وچ واري رات جو دير سان گئس پائيپ لائين ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پائپ لائين کي باهه وڪوڙي وئي. ڌماڪي سبب پنجاب جي مختلف علائقن کي گئس فراهمي معطل ٿي وئي آهي. پائيپ لائين کي ڌماڪي ۽ باهه کانپوءِ ڀرپاسي وارا علائقا خالي ڪرايا ويا ۽ ان پاسي ايندڙ ويندڙ سمور دڳ بند ڪيا ويا آهن پائيپ لائين کي لڳل باهه ڀرپاسي موجود ڪمند جي فصل ۽ باغن کي به وڪوڙي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو، انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۽ باهه سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته 10 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي پر اڃا تائين مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ جيڪري پنجاب کي گئس جي سپلائي بحال ٿي ناهي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *