Friday , April 19 2024

ڪشمور ضلعي مان مان اغوا ڪيل 2 ڄڻا اڇا تائين بازياب نه ٿيا، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

ڪنڌڪوٽ ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تنگواڻي واري علائقي مان اغوا ڪيل ٻن ڄڻن کي پوليس ڪيترائي هفتا گذرڻ باوجود اغوا ڪندڙن جي چنبي مان آجو ناهي ڪرائي سگهي، اغوا ٿي ويلن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، پر پوليس جي ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. گهرو کاتي جي وزير سهيل انور سيال به هيل تائين اغوا ٿي ويلن جي وارثن سان ٻه لفظ همدردي جا ناهن ڳالهايا. تنگواڻي مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي انتظاميا بازياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، مغوين جي بازيابي لاءِ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مغوي نظام کوسو، عنايت الله گجراڻي جي وارثن، جي يو آءِ ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن قاري ڪفايت الله کوسو ، رحمدل لاشاري جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس هن وقت تائين ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته جلد نوجوانن کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *