Friday , March 29 2024

ڪسٽمز جي ڪارروائي، پنجاب ويندڙ ڪروڙين رپين جا غيرقانوني موبائل هٿ

mobile sets

پاڪستان ڪسٽمز انٽيليجنس مائي ڪولاچي روڊ تي پنجاب ويندڙ ڪنٽينر تي ڇاپو هڻي اسمگل ڪيل 15 هزار موبائل فونز، ايل اي ڊي ٽيليوزنز ۽ گاڏيون هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنٽينر سيالڪوٽ وڃي رهيو هو. ڪسٽم انٽيليجينس جي تيم ڪراچي جي مائي ڪولائي روڊ تي هڪ ڪنٽينر ٽرالي تي ڇاپو هڻي ڪروڙين رپين جي ماليت جا موبائل فونز، گاڏيون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو. پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪسٽمز انٽيليجينس ڪارروائي  ڪري اسمگل ڪيل  15 هزار قيمتي موبائل فونز، 4 قيمتي گاڏيون، ايل اي ڊي ٽيليوزن ۽ ٻيو ساما هٿ ڪيو آهي. ڪسٽم انٽيليجينس ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن جنيد ۽ عدنان کي به گرفتار ڪري ورتو آهي .ابتدائي جاچ موجب ڪنٽينر پنجاب جي شهر سيالڪوٽ نيو پي ويو، جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *