Friday , April 19 2024

ڪرپشن خلاف ڪاررواين خلاف سهڪار نه ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اندر مختلف کاتن ۾ ڪرپشن خلاف ڪاررواين دوران اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن سان سهڪار نه ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز علم الدين بُلو چيو آهي ته سهڪار نه ڪندڙ آفيسرن خلاف سندن کاتن جي سيڪريٽريز کي لکت ۾ شڪايت ڪئي ويندي. اهڙو فيصلو اينٽي ڪرپشڻ اينڊ انڪوائريز جي چيئرمين علم الدين بلو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ۾ ڪيو ويو، اجلاس دوران لاڳاپيل آفيسرز پاران پيش ڪيل رپورٽس بابت ڳالهائيندي علم الدين بلو چيو ته، ڪرپشن جي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون اچڻ جو تناسب انتهائي گهٽ آهي، جيستائين ڪرپٽ ماڻهن کي سزائون نه ملنديون ايستائين ڪرپشڻ جي خاتمي ۾ مدد نه ملندي. اينٽي ڪرپشن ويسٽ زون جي اجلاس دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄام ظفرالله ڌاريجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اشرف سومرو، سرڪل آفيسر اميل رضوي ۽ ٻين مختلف ڪيسز بابت رپورٽ به پيش ڪئي، واڳيل آفيسرز پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته، گذريل هڪ سال دوران ڪرپشڻ جا 12 ڪيس داخل ڪيا ويا، 14 ٽريپ ۽ 10 اوپن انڪوائريز تحت ڪارروائي به ڪئي،  سمورن ڪيسن جا چالان لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي چيئرمين اينٽي ڪرپشن علم الدين بلو چيو ته، سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿسرٽي سميت ڪنهن به کاتي جا آفيسر ڪيسن جي جاچ پڙتال ۾ سهنڪار نه ڪن ته سندن کاتي جي سيڪريٽري ياا واڳيل اختياري کي لکت ۾ شڪايت ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *