Saturday , April 20 2024

ڪرپشن جو ٻيو نالو آصف زرداري آهي، ڪرپشن سبب سنڌ تباهه ٿي وئي آهي: عمران خان- پوليس عمران خان کي قلندر جي مزار ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو

سيوهڻ ( سنڌ سماءَ چار نيوز) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ايندڙ عام چونڊن ۾ سڄي سنڌ اندر ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جو ٻيو نالو آصف زرداري آهي، ڪرپشن سڄي پاڪستان ۾ سنڌ کي وڌيڪ تباهه ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس عمران خان کي قلندر شهباز جي مزار تي حاصڙي ڀرڻ کان روڪنيدي کيس مزار ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو، عمران جو چوڻ آهي ته آصف زرداري تحريڪ انصاف کان ڊڄي ويو آهي ان ڪري ئي درگاهه تي مون کي دعا گهرڻ کان روڪيو ويو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت درگاهن جي روايتن ۽ سنڌ جي مهمان نوازي جي توهين ڪئي آهي.

سيوهڻ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه پاڪستان  ۾ جيڪڏهن ڪرپشن سڀ کان وڌيڪ ٿي آهي ۽ ان سبب تباهي آئي آهي ته اهو سنڌ صوبو آهي. عذير بلوچ جي آءِ ٽي آڏو پنهنجي بيانن ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ سندن ساٿين بابت خطرناڪ قسم جا انڪشاف ڪيا آهن، اُها رپورٽ پڌري ڪري عوام آڏو آندي وڃي، جيئن عوام کي خبر پوي ته، سئنيما جون ٽڪيٽس وڪرو ڪندڙ هزارين ايڪڙ زمينن، شگر ملز ۽ ٻين ملڪيت جو مالڪ ڪيئن بڻيو آهي. جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو ته سنڌ ۾ جيڪا هن وقت غربت آهي ان جو وڏو سبب ڪرپشن آهي، حڪمران ڪرپشن ڪري سمورو پئسو ٻاهر موڪلي رهيا آهن. عمران خان چيو ته مرتضيٰ ڀٽو جا گهر ڀاتي اڄ به چئي رهيا آهن ته سندن قاتل آصف زرداري آهي.

عمران خان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي وارن سنڌ جي عوام کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي لالچ ڏئي ڌوڪو ڪيو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه پيو ڪيو وڃي، اسڪول بند ۽ اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون به ناهن. سيوهڻ جي درگاهه تي ڌماڪو ٿيو ته ماڻهو تڙپي رهيا هئا پر انهن جي علاج لاءِ اسپتال به نه هئي. هن چيو ته عوام هر شئي تي ٽيڪس ڀري ٿو پر اهو سمورو پئسو ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو، جنهن ڪري عوام جا مسئلا حل نه پيا ٿين. عمران خان چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻئي لٽيرا آهن، جن عوام جو پئسو لٽي مني لانڊرنگ وسيلي سمورو ناڻو ٻاهر موڪليو آهي.

هن چيو ته 9 سال اڳ هر شهري 35 هزار رپين جو قرضي هو پر هاڻي هر شهري هڪ لک 20 هزار رپين جو قرضي آهي، جنهن جو وڏو سبب حڪمرانن جي ڪرپشن آهي. هن جو چوڻ هو ته نواز شريف ملڪ کي ايشيئن ٽائيگر بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي پر هن ملڪ بدران پنهنجي خاندان کي ايشيئن ٽائيگر بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هاڻي اهو وقت پري ناهي جڏهن نواز شريف کانپوءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو چوندا ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته هو 10 سال اڳ هڪ ڪتاب لکڻ لاءِ منڇر ڍنڍ تي آيو هو ته وڏي خوبصورتي ڏٺي هئي، جڏهن ته هاڻي اتي تباهي اچي وئي آهي ۽ ڍنڍ جو سمورو پاڻي زهريلو بڻجي ويو آهي. سنڌ جو عوام بي فڪر ٿي وڃي، ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي ڏيکاريندي ۽ سنڌ ۾ خوشحالي آڻيندي. جلسي کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، يار محمد رند، جهانگير ترين، عارف علوي ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.

پوليس عمران خان کي قلندر لال شهباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان روڪي ڇڏيو

سيوهڻ پوليس پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي قلندر شهباز جي مزار اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، جنهن ڪري هو مزار تي حاضري ڀرڻ کانسواءِ واپس روانو ٿي ويو، عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري پي ٽي آءِ جي مقبوليت کان ڊڄي ويو آهي، جنهن ڪري اهڙا حربا استعمال ڪري رهيو آهي.

سيوهڻ ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کانپوءِ عمران خان شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ پهتو ته پوليس کيس اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو. پوليس پاران پي ٽي آءِ جي قافلي کي روڪڻ بعد عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانسواءِ واپس روانا ٿي ويا. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويو هئس پر آصف زرداري جي ڇاڙتن اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. آصف زرداري پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ مقبوليت کان ڊڄي ويو آهي، جنهن ڪري هو اهڙا حربا استعمال ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *