Wednesday , April 24 2024

ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار نواز ليگ جو صدر شهباز شريف آزاد ٿي ويو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نون ليگ جو مرڪزي صدر ۽ پي اي سي جو چيئرمين شهباز شريف لاهنور هاءِ ڪورٽ پاران ٻن ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ کانپوءِ آزاد ٿي ويو آهي، شهباز شريف اسلام آباد کان لاهور پهچي ويو، جتي هُن سڀ کانپهريان پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران گذريل خميس ڏينهن نيب جي ٻن ڪرپشن ريفرنسز ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي، جنهن بعد جمعي ڏينهن ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ ۾ دير ٿي وڃڻ سبب شهباز شريف جي ضمانت وار 2 ڪروڙ رپين جا مچلڪا جمع ڪرايا ويا، جنهن بعد سندس آزادي جو حڪم نامو روبڪار جاري ڪيو ويو. قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ بعد شهباز شريف جي اسلام آباد منسٽرز انڪليو واري سب جيل قرار ڏنل رهائشگاهه جي سب جيل واري حيثيت ختم ڪري اپوزيشن ليڊر کي آزاد ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ خميس واري ڏينهن آشيانه ھائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شگر ملز ڪيس شهباز شريف جي هڪ – هڪ ڪروڙ رپين جي ڌار ڌار ضمانت منظور ڪئي هئي. شھباز شريف اسلام آباد مان هوائي جهاز ذريعي لاهور ۽ بعد رائيونڊ ۾ جاتي امرا پنهنجي گهر پهتو جتي هن سڀ کان پهريان پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪئي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف گذريل ڏينهن عدالتن مان آزادي جو حڪم ملڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو مسلم ليگ (ن) راولپنڊي ڊويزن جي اڳواڻن مريم اورنگزيب، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ملڪ ابرار سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ شهباز شريف کي ضمانت ملڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ شهباز شريف کي مشورو ڏنو ويو ته سندس لاهور روانگي شايان شان طريقي سان ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *