Thursday , March 28 2024

ڪرونا وائرس کان بچاءَ جون ڪوششون، بازارون بند رکڻ واري حڪم تي سختي سان عمل ٿيندو: ڊي سي ٽنڊو الهيار

ٽنڊوالهيار ( رپورٽ: ساجد حسين سنڌ سماءَچار) سنڌ حڪومت پاران ڪرونا جي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ بازارون بند ڪرڻ واري حڪم بعد  ٽنڊو الهيار ضلعي جي مختلف شهرن ۾ به بازارون بند، ڊي سي ٽنڊو الهيار رشيد احمد زرداري چيو آهي ته، قلم 144 تي عمل نه ڪندڙ ن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. سنڌ جي گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار رشيد احمد زرداري به ض:عي اندر قلم 144 تي عمل ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي رشيد زرداري جو چوڻ آهي ته، سنڌ حڪومت جي حڪمن مطابق ض:عي اندر قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، شاپنگ سينٽرن، پبلڪ پارڪ ھوٽلن، ريسٽورنٽس، مٺائي جي دڪانن، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ سميت هر قسم جا شاپنگ سينٽرز بند رهندا، سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت سيڌي سامان، گوشت، فروٽ ۽ سبزين جا دوڪان کليل رهندا، هن چيو ته عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ شهر ۾ پڙها به ڏياريا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *