Friday , April 19 2024

ڪرونا وائرس سنڌ کي جڪڙي ڇڏيو، 12 ڪلاڪن اندر 40 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

ڪرونا وائرس، سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 8 هزار 680 ٿي ويو،12 ڪلاڪن ۾ 40 ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) خيرپور ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ 12 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس 40 ماڻهن کي کي وڪوڙي وئي، اس ٽي پي اڳواڻ سميت وڌيڪ 8 ڄڻا حياتييون وڃائي ويٺا، سنڌ ۾ وائرس متاثرن جو مجموعي انگ 8 هزار 680 ٿي ويو آهي. ڪرونا وائرس سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو رهيو آهي، اربع ڏينهن 12ڪلاڪن دوران حيدر آباد، خيرپور، لاڙڪاڻو سميت مختلف علائقن ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ وٺجي چڪا آهن، تازن اطلاعن مطابق، لاڙڪاڻي ۾ 20، پير جو ڳوٺ جي سالار ۽ دينل شاهه پاڙن ۾ 14 ۽ حيدر آباد ۾ 7 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن جي لاڳاپيل ضلعن جي ڊي ايڇ اوز پاران ڪئي وئي آهي.  ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن چيو هو ته، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جو انگ 8 هزار 680 ٿي ويو آهي، ڪورونا وائرس سبب 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 158 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ ڪورونا جا 6752 مريض علاج هيٺ آهن، ڪورونا جا 5528 مريض گهرن ۾ آئسوليٽ آهن، هن وقت تائين 1731 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، جيڪو انگ جو 20 سيڪڙو آهي، آئسوليشن مرڪزن ۾ 721 ۽ 503 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ 89 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

”ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي معافي وٺڻ کي پنهنجي توهين سمجهان ٿو“: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *