Thursday , April 25 2024

ڪرونا وائرس جو ڀؤ، ٽنڊوالهيار طرف ايندڙ ويندڙ رستا بند

چمبڙ ناڪي، ڊسڪو هوٽل، نصرپور روڊ ۽ ٽنڊو آدم روڊ کي رڪاوٽون رکي مڪمل طور سيل ڪيو ويو

ٽنڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين   سنڌسماءَچار) حيدر آباد ۾ ۾ وڏي پئماني تي ڪرونا وائرس جي متاثرن جي تصديق کانپوءِ ٽنڊي الهيار شهر طرف ايندڙ ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا، رستن حيدرآباد ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ٽنڊولهيار شهر مڪمل طور تي سيل، پوليس جو چوڻ آهي ته، لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو ۽ سواءِ اسپتال يا ڪنهن ٻي اڻٽر مجبوري کانسواءِ ماڻهن جي چرپر تي پابندي هوندي. حيدر آباد ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو وڏو انگ منظر تي اچڻ کانپوءِ، ٽنڊي الهيار جي مقامي انتظاميا ۽ پوليس ٽنڊي الهيار شهر طرف ويندڙ رستن کي چمبڙ ناڪي، ڊسڪو هوٽل، نصرپور روڊ ۽ ٽنڊو آدم روڊ کي رڪاوٽون رکي ۽ ڪناتون ٻڌي بند ڪيو ويو آهي. شهر جي مختلف رهائشي علائقين جي ماڻهن جيڪي ڪم ڪار سانگي ٻاهر ويل هئا انهن کي به پوليس سخت پڇاڻي کانپوءِ ڇڏي رهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته، حيدر آباد ۾ ڪرونا جي متاثرن جو وڏو انگ سامهون آيو آهي، ٽنڊي الهيار شهر جي اڪثر ماڻهن جو روزانو حيدر آباد اچڻ وڃڻ هجي ٿو انڪري شهر کي سيل ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪمن تائين سيل ئي رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *