Friday , March 29 2024

ڪرونا وائرس جا وار، فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ فقير جادم مڱريو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جي صورتحال تيزي سان ڳڻتي جوڳي ٿيڻ لڳي، فنڪشنل مسلم ليگ جو اڳواڻ سينيئر سياستدان فقير جادم مڱريو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. فقير جادم مڱريو کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي هئي. فقير جادم مڱريون جي هڪ وينجهي دوست سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، جادم مڱريو کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي هئي، جنهن بعد ڪجهه ڏينهن گهر اندر ئي آسئوليٽ ٿي ويو هو پر سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ بعد ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته فقير جادم مڱريو جي گذريل ڏينهن 24 نومبر تي شام کان طبيعت انتهائي ناساز ٿي وئي جتي هن 25 نومبر اربع ڏينهن / اڄ صبح جو سوير دم ڌڻي حوالاي ڪيو. فقير جادم مڱريو جي لاڏاڻي تي فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳارو پاران ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي آهي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *