Tuesday , April 16 2024

ڪرونا وائرس تي ضابطي لاءِ هيلٿ ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو

قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هيلٿ ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو، لاڳاپيل اختيارين  صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا، اهم تقريبون به محدود ڪرڻ جو امڪان:ذريعن جي دعويٰ

وزيراعظم قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي(فائل فوٽو)

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ ملڪ ۾ “ هيلٿ ايمرجنسي” لاڳو ڪرڻ جو فيصلو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اڄوڪي ( 13 مارچ 2020) تي سڏايل اجلاس ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چين ۽ ايران کانپوءِ پاڪستان ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس پکڙجڻ لڳ ڀڳ ٻن هفتن کانپوءِ نيٺ وزيراعظم عمران خان کي هن اهم معاملي تي غجھور ڪرڻ جو خيال اچي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن 12 مارچ تي قومي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اڄ 13 مارچ تي طلب ڪيو ويو، جيڪو سندس صدارت هيٺ جاري آاهي، جنهن ۾ بچاءَ وارو وزير، دفاع جو وزير، چئني صوبن جا وڏا وزير، ٽنهي هٿياربندن فوجن جا سربراهه، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت سمورن لاڳاپيل وزارتن جا وزير ۽ اختياريون اجلاس ۾ شريڪ آهن. قومي سلامتي ڪاائونسل جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ جاري آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، وفاقي حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي روڪٿام ۽ مرض ۾ مبنتلا ماڻهن جي علاج سميت سرڪاري اسپتالن ۾ آئيسوليشڻ وارڊز، ايرن، عراق، دبئي ۽ سعودي عرب سميت مختلف ملڪن مان وڏي نگ ۾ واپس ايندڙ پاڪستاني شهرن کي قرنطينه ۾ ترسائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ملڪ اندر وڌيڪ قرنطينه قائم ڪرڻ ۽ اُهي آبادي / شهري آبادي کان پرڀرو قائم ڪرڻ تي به ويچاريو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي جلاس ۾ ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ “ هيلٿ ايمرجنسي ” لڳائڻ جو فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ صحت جي وفاقي وزارت هوم ورڪ ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اختيارين سان به صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. امڪان اهو آهي ته ملڪ ۾ وڏن ۽ اهم تقريبن کي ملتوي يا انهن کي انتهائي حد تائين محدود ڪيو وڃي، يا وري عام ماڻهن جي شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *