Friday , March 29 2024

ڪرونا وائرس، سگريٽ پيئندڙ لاءِ وڏي خبر

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس  جي وبا واري ماحول ۾ سگريٽ پيئندڙڻ لاءِ خراب خبر اها آهي ته سگريٽن جي موالين تي ڪرونا وائرس ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 80 سيڪڙو وڌيڪ تڪڙو اثر ڪري سگهي ٿو، عام طور تي سگريٽ ڇڪڻ جا ڪيترائي نقصان آهن، دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتال ڀيڙا ٿيندا آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سگريٽ ڇڪيندڙن ۾ ڪورونا وائرس سبب اسپتال داخل ٿيڻ جو خطرو 80 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي، اهو نتيجو ڪورونا جي 4 لک 21 هزار مريضن جا انگن اکر گڏ ڪرڻ کان پوءِ ڪڍيو ويو. هڪ تحقيقي ميگزين ٿيورڪس ۾ ڇپيل ان ريسرچ اسٽڊي جي محققن خبردار ڪيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان ڦڦڙ اڳ ئي سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان قاصر هوندا آهن، ڪورونا جا وار کين اسپتال پهچائي سگھن ٿا.

ماهرن انگن اکرن مان ثابت ڪيو ته هر سگريٽ ڇڪيندڙ 14 هزار ڪورونا متاثرن جي 241  ماڻهن تي ٻڌل گروپ مان 51 ڄڻن کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو. اهڙيءَ طرح سگريٽ نه ڇڪيندڙ 25 هزار ڪورونا مريضن جي ڊيٽا جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ 600 ماڻهن مان 400 مريضن کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڏينهن ۾ 9 تائين سگريٽ ڇڪيندڙن ۾ ڪورونا سبب موت جو خطرو سگريٽ نه پيئندڙن جي ڀيٽ ۾ ٻيٽو هو، 9 کان 19 سگريٽ روزانو ڇڪيندڙن ۾ اهو خطرو 5 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته 19 کان وڌيڪ سگريٽ روزانو ڇڪيندڙن ۾ اهو خطرو 6 کان 10 ڀيرا وڌيڪ وڌي ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *