Saturday , April 20 2024

ڪرونا فنڊز جي آڊٽ رپورٽ؛ ناڻي واري وزير ۽ ناڻي واري وزارت جي اهم ذميوارن جو مستقبل داءَ تي لڳل

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) نئين مالي سال جي بجيٽ کانپوءِ وفاقي ڪابينا ۽ ڪجهه اهم انتظامي عهدن ۾ تبديلين جو فيصلو، ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري وزارت جي اهم ذميوارن ۽ لاڳاپيل وزارتن خلاف به سخت ڪارروائي جي به تياري ڪئي پئي وڃي. دنيا ۾ آيل ڪرونا وائرس جي وبا کانپوءِ آءِ ايم ايم ايف سميت مختلف عالمي مالياتي ۽ فلاحي ادارن پاران ٻين ملڪن جيان پاڪستان کي به امدادي سامان سان گڏ فنڊز به جاري ڪيا ويا هئا. پاڪستان کي به آءِ ايم ايف پاران مليل امدادي فنڊز سميت ٻين ملڪن ۽ امدادي ادارن جي فنڊز جي ورهاست ۾ وڏي پئماني تي بيضابطگيون ٿيون آهن، اهڙين بيضابطگين جو انڪشاف آءِ ايم ايف جي هدايت تي وفاقي حڪومت پاران آڊيٽر جنرل پاران ڪرايل جاچ پڙتال ۾ ٿيو آهي، جيڪا رپورٽ وفاقي حڪومت پڌري نه ڪري رهي آهي. 12 کرب رپين جي فنڊز ۾ بيضابطگين جي رپورٽ کانپوءِ اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ تي زور ڏنو هو پر وفاقي ڪابينا ان جي سخت مخالفت ڪئي وئي هئي جنهن تي حفيظ شيخ کي وزارت ڇڏڻي پئي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل وڌيڪ معلومات موجب ڪرونا فنڊز ۾ ٿيل بيضابطگين واري معامي تي ناڻي واري وزير شوڪت ترين به سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي وزيراعظم کان رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ذريعن موجب شوڪت ترين پاران به اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ جي موقف تي قائم رهڻ ۽ آڊيٽر جنرل جي رپورٽ پڌري ڪرڻ واري موقف تي وفاقي ڪابينا جا ڪجهه وزيرن به ڪابينا سطح تي شوڪت ترين جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب شڪوت ترين، ناڻي واري سيڪريٽري سميت سندس ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ جي ٽيم کي هٽائڻ تي غجھور ڪيو پيو وڃي، ذريعن جي دعويٰ موجب نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل ڪيو ويندو. ڪرونا فنڊز جي آڊٽ ڪرڻ واري معاملي  تي وزيراعظم، وفاقي ڪابينا خاص طور تي شيخ رشيد، حماد اظهر، فواد چوڌري، علي زيدي آڊيٽر جنرل کي به هٽائڻ لاءِ آ؟يني ۽ قانوني نقطن تي جو جائزو وٺڻ لاءِ ذميواري قانون واري وزير فروغ نسيم جي حوالي ڪئي وئي آهي.

12کرب رپين جي ڪرونا پيڪيج ۾ بيضابطگين جو انڪشاف،ڊاڪٽر حفيظ شيخ ڇا ڪيو؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *