Friday , March 29 2024

ڪرونا جي وبا، پاڪستان ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون جو امڪان

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ کانپُءِ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، لاهنور، ڪراچي سميت انهن شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو جتي ڪيسن جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي. وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته، ڪرونا جي صويرتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، عوام ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآمد نه پيو ڪري، سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به انتظاميا ۽ پوليس ايس او پيز تي عملدارآمد ڪرائڻ ۾ سنجيدگي ظاهر نه پيا ڪن. اسد عمر اين سي او سي جي اجلاس کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، صورتحال جيئن جو تيئن رهڻ جو خدشو آهي انڪري اين دڙ ڪجهه ڏينهن اندر انتهائي ڏکيا فيصلا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته اين سي او سي کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر سڄي صورتحل جو جائزو وٺي جامع منصوبو تيار ڪيو وڃي، جن شهرن ۾ ڪرونا جي صورتحال وڌيڪ ابتر آهي اتي مڪمل لاڪ ڊائون به لڳائي سگهجي ٿو.

ان حوالي سان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ايندڙ هفتي اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، گجرانوالا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لڳايو ويندو ۽ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي به پابندي لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب اين سي او سي  30 اپريل تائين يا 5 مئي تائين اهم فيصلا ڪندي، جن تگي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ تي به ويچاريو پيو وڃي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *