Friday , March 29 2024

ڪرونا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، وڌيڪ 34 ڄڻا فوت، 810 نوان ڪيس رپورٽ

سنڌ ۾ ڪرونا ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪرونا جي وبا وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ لڳي، حڪومت ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ به ناڪام

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) عالمي وبائي مرض ڪرونا پاڪستان ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن، سنڌ ۾ ڪرونا جي صورتحال به انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، 16 مريض فوت، ملڪ ۾ ڪرونا وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 7 هزار 58 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي وبا باوجود وفاقي حڪومت جي فيصلي تحت ملڪ ۾ سموريون ڪاروباري سرگرميون شروع ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ڪرونا جي روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عملدراآمد نه ڪرائڻ جي نتيجي ۾ ڪرونا ٻيهر تيزي سان وڌي رهي آهي. ڪرونا جي وبا وگهي پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 34 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڪرونا وائرس جي صورتحال بابت نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، ملڪ اندر مجموعي طور تي 808 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد وبا سٽيلن جو انگ وڌي 3 لک 49 هزار 998 ٿي ويو آهي.

ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيت ۾ سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سڀ کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ فوت ٿيل ڪرونا جي 34 مريضن مان 16 فوتي مريضن جو واسطو سنڌ سان آهي، سنڌ ۾ فوت ٿيل مريضن مان وڏو انگ ڪراچي شهر جي رهواسين جو آهي. سنڌ ۾ ڪرونا  جي مريضن جو انگ وڌي هڪ لک 72 هزار 75 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح پنجاب ۾ هڪ لک 8 هزار 221، خيبرپختونخوا ۾ 41 هزار 258، گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 22 هزار 766، بلوچستان ۾ 16 هزار 226، ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 15، گلگت ۾ 4 هزار409 ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آهن.

جنسي وحشت جو نشانو بڻيل 4ورهين جي نياڻي، سوشل ميڊيا تي ويوئرشپ وڌائڻ لاءِ ٻارڙي جو ٽرائل – اصغر آزاد

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *